اڄ کان شديد برساتن جي اڳڪٿي، موسميات کاتي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ ۾ اڄ کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪندي ندين ۽ درياهن ۾ چاڙهه جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ هيٺاهين علائقن ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ جو خطرو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ 29 کان 31 جولاءِ ۽ سنڌ ۾ 30 کان 31 جولاءِ دوران مِينهن وسندو، جن مان ڪجهه طوفاني برساتون به ٿي سگهن ٿيون، جڏهن مٿاهين علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به امڪان آهي.
موسميات کاتي طرفان سياحن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هو موسم کي نظر ۾ رکي سفر جا پروگرام ترتيب ڏين،