گلشن حديد ۾ تالا ٽوڙ چور ٽولي جي وڏي واردات، 5 دڪانن کي کاٽ ، سيڪيورٽي گارڊ کي رسين سان ٻڌي ڇڏيو
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ضلعي ملير جي علائقي گلشن حديد فیز ون ۾ تالا ٽوڙ چور ٽولي پاران هڪ ئي رات ۾ پنجن وڏن دڪانن کي کاٽ هڻي دڪانن کي ٻڌايو ته هاري ڇڏيو پوليس موجب پنجن ڄڻن تي ٻڌل هٿياربند ٽولي پهرين مارڪيٽ جي سيڪيورٽي گارڊ کي پڪڙي،
کيس رسن سان ٻڌي هڪ پاسي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد دڪانن جي تالا ٽوڙي اندر داخل ٿي ويا.واردات دوران موبائل فون شاپ، سونارن جي دڪان، ۽ ڪيرانا اسٽور سميت پنج دڪانن مان روڪ رقم، موبائل فون، سون، ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ورٿون
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر دڪاندار نقصان جو جائزو وٺڻ بعد تفصيلي رپورٽ ڏيندا.اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي شاهديون گڏ ڪيون ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج ذريعي جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
جُولاءِ 28, 2025