ڀان سيدآباد: ڏاڏي پاران پوٽي سان جنسي زيادتي، وڊيو وائرل، معصوم نينگر نازڪ حالت ۾ اسپتال منتقل، انصاف لاءِ گهر
سيوهڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوھڻ تعلقي جي ٻئين نمبر وڏي شھر ڀان سيدآباد ۾ ڏاڏي پاران پوٽي سان جنسي زيادتي جو واقعو پيش آيو آھي، ظلم جي انتھا ٿي ويئي، تفصيل موجب پوليس اسٽيشن ڀان سيد آباد جي حد ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آھي، ڏاڏي پاران پوٽي سان جنسي زيادتي جو انڪشاف ٿيو آھي،ھن واقعي جي وڊيو وائرل ٿي وئي آھي،
متاثر معصوم نينگر محمد خان عمراڻي کي نازڪ حالت ۾ سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسپتال سيوهڻ منتقل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ھن واقعي جو ڪيس متاثر نينگر جي امڙ ارم عمراڻي ڀان سيدآباد جي ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھي، جڏھن ته متاثر نينگر جي امڙ ارم عمراڻي جو وڌيڪ چوڻ آھي ته منھنجي سھري حسين بخش عمراڻي منھنجي پٽ محمد خان عمراڻي سان جنسي زيادتي ڪئي آھي،
جنھن جي وڊيو پڻ رڪارڊ ڪئي وئي آھي، منهنجي پٽ محمد خان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، ملزم کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ سخت سزا ڏني وڃي، ڀان سيدآباد جي پوليس جو چوڻ آھي ته ھن واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ملزم جي ڳولا جاري آهي، معصوم ٻار محمد خان عمراڻي کي طبي علاج لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، ۽ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
جُولاءِ 28, 2025