پنڊيءَ ۾ غيرت جي نالي تي عورت قتل: مقتولا جي قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم وارو عمل مڪمل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ غيرت جي نالي تي قتل ڪيل عورت جي قبرڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم جو عمل مڪمل ڪيو ويو.
جرگي جي حڪم تي پرڻيل عورت کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ عدالتي حڪم تحت مقتولا جي قبرڪشائي جو عمل مڪمل ڪيو ويو، مقامي مئجسٽريٽ قمر عباس تارڙ جي نگراني ۾ قبرڪشائي ۽ لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو.
پوليس گرفتار جوابدارن کي قبرستان آڻي مقتولا جي قبر جي نشاندهي ڪرائي، جنهن کانپوءِ قبرڪشائي ڪئي وئي، فارنزڪ ٽيم لاش مان نمونا به حاصل ڪري ورتا آهن.
قبرڪشائي وقت اسپتال جي ميڊيڪل ٽيم ڊاڪٽر مصباح جي سربراهي ۾ موجود هئي، ان موقعي تي پنجاب فارنزڪ ليبارٽري جي ٽيم به موجود هئي.
ذريعن موجب مقتولا جا نمونا فارنزڪ ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويندا، جنهن جي رپورٽ مان معلوم ٿيندو ته مقتولا کي ڪيئن قتل ڪيو ويو.
پوليس موجب، عورت جي قتل جو حڪم جرگي جي سربراهه عصمت الله ڏنو هو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
عصمت الله مقتولا جو جنازو به پاڻ پڙهايو هو، جڏهن ته عورت جي ٻئي مڙس عثمان به پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
ڪيس جو پسمنظر
جرڳي جي فيصلي تي ڪيل ڪيل عورت ۽ عثمان جو نڪاح 12 جولاءِ تي مظفرآباد ۾ ٿيو، مقتولا جوڊيشل مئجسٽريٽ آڏو پيش ٿي مرضي سان نڪاح جو بيان ڏنو هو ۽ ٻڌايو ته پهريون مڙس کيس زباني طلاق ڏئي چڪو آهي.
عثمان جي پيءُ ٻڌايو ته نڪاح جي چئن ڏينهن بعد هٿياربند ماڻهن ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو ته نڪاح ٿي ويو آهي، ڇوڪري واپس ڪريو، اسان کيس باظابطا رخصت ڪنداسين. اهي ڇوڪريءَ کي وٺي ويا ۽ پوءِ خبر پئي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي.