پائلٽ هائير سيڪنڊري اسڪول دادو جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي مبينا طور غير قانوني تعميراتي ڪم جي ڪوشش,علائقي مڪينن جو احتجاج
دادو(رپورٽ:سرورجلال سولنگي) پائلٽ هائير سيڪنڊري اسڪول دادو جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي مبينا طور غير قانوني تعميراتي ڪم جي ڪوشش، وڊيو ڪلپ وائرل ٿيڻ بعد والدين، استادن ۽ شاگردن ۾ بيچيني وڌي وئي، خالد محمود ٻڌايو ته گرائونڊ صرف شاگردن جي راندين ۽ جسماني سرگرمين لاءِ مخصوص آهي دادو جي معروف تعليمي اداري، پائلٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي ڪرڪيٽ گرائونڊ بابت سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿي وئي آهي،
جنهن ۾ ڏسڻ ۾ آيو آهي ته گرائونڊ جي ايراضي تي مبينا طور غير قانوني تعميراتي ڪم جي شروعات ڪئي پئي وڃي ان سلسلي ۾ اسڪول جي انگريزي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ خالد محمود ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اها زمين صرف ۽ صرف اسڪول جي شاگردن جي راندين ۽ جسماني سرگرمين لاءِ مخصوص آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته معزز ايم پي اي، بيرسٽر پير مجيب الحق پنهنجي گذريل دوري دوران، اسڪول ۾ سولر پلانٽ جي افتتاح واري تقريب ۾،
باقاعدي طور تي شاگردن لاءِ ننڍڙي اسپورٽس اسٽيڊيم جو وعدو ڪيو هو، جنهن تي سمورا استاد ۽ شاگرد خوش هئا خالد محمود جو چوڻ هو ته جيڪڏهن گرائونڊ تي قبضي يا غير قانوني تعمير جو عمل جاري رهيو ته شاگردن جي صحتمند سرگرمين تي اثر پوندو،
جيڪو تعليمي ماحول لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو هنن اعليٰ اختيارين، خاص طور تي ضلعي انتظاميه، تعليم کاتي جي عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺي، غير قانوني تعميراتي عمل کي روڪيو وڃي ۽ گرائونڊ کي شاگردن جي لاءِ محفوظ بڻايو وڃي ياد رهي ته پائلٽ اسڪول دادو ضلع جي تعليمي لحاظ کان هڪ اهم اداري طور سڃاتو وڃي ٿو، جتي سوين شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ انهن لاءِ صحتمند سرگرميون ضروري آهن.
جُولاءِ 28, 2025