ٺٽو: پوليس جي ڪارروائي، ٻن منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار، 1350 گرام چرس هٿ – ڪيس داخل

Spread the love

ٺٽو( رپورٽ: نظير احمد قريشي)  ٺٽو پوليس جي ڪامياب ڪارروائي، 2 منشيات فروش گرفتار، 1350 گرام چرس هٿ، ڪيس داخل آءِ جي پي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي پي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڏاهريجو جي هدايتن جي روشني ۾، ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪم تي، ٺٽو پوليس منشيات، ڏوهاري عنصرن، عادتي ڏوهارين، گٽڪو ۽ ڪوڙ خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکي رهي آهي.

ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪم تي، ايس ايڇ او پوليس اسٽيشن انسپيڪٽر عطار علي چنا پنهنجي عملي سان گڏ، گشت دوران اطلاع ملڻ تي، منگو پير قبرستان پير محموداني سڪرو ويجهو هڪ ڪامياب ڪارروائي ڪئي ۽ ڳوٺ عرس گندرو ٺٽو جي رهواسي منشيات فروش غلام حسين ولد محمد صديق گندرو کي 1100 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو.

ان کان علاوه، ٺٽو پوليس اسٽيشن منشيات فروش دانش ولد رجب خاصخيلي کي 250 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو. گرفتار جوابدارن خلاف سڪرو ۽ ٺٽو پوليس اسٽيشنن ۾ منشيات ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

جُولاءِ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو