يونيڪسو مان آمريڪا جو نڪرڻ: ڇا لبرل ورلڊ آرڊر ختم ٿي رھيو آھي ؟
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس هن هفتي اعلان ڪيو ته “يونيسڪو ۾ پنهنجي ميمبرشپ برقرار رکڻ آمريڪا جي قومي مفاد ۾ نھ آهي.” ان اعلان تي ڪا حيرت نٿي ٿئي. آمريڪا ھن کان اڳ ڊونلڊ ٽرمپ جي پهرين صدارت دوران (۽ ان کان اڳ به) گڏيل قومن جي ثقافتي ۽ تعليمي اداري کان الڳ ٿي چڪو هو پر جو بائيڊن جي دور ۾ ٻيهر شامل ٿيو.
تازو فيصلو گهڻ طرفي ادارن يا مجموعي طور تي نرم پاور تي ڊونلد ٽرمپ بي اعتمادي کي ظاهر ڪري ٿو. يونيسڪو تي الزام لڳايو ويو آهي ته ان ٽرمپ انتظاميا کي سماجي ترقي جي مقصدن کان “ھٽي ڪري ڌيان ڏيڻ” کانسواءِ ۽ ” فرقيوار سماجي ۽ ثقافتي سببن” کي هٿي ڏني، جنهن کي ٽيمي بروس ” آمريڪا جي پھرين پرڏيھي پاليسي خلاف بين الاقوامي ترقي لاءِ هڪ عالمگير، نظرياتي ايجنڊا” طور بيان ڪيو آهي..”يونيسڪو جي مينڊيٽ ۾ ثقافتي ورثي جي جڳهن جي حفاظت شامل آهي جيئن هندستان ۾ تاج محل، آسٽريليا ۾ گريٽ بيريئر ريف ۽ چين ۾ زيڪسيا امپيريل مقبرا (جن کي تازو ئي ثقافتي ورثو قرار ڏنو ويو آھي).چين جي ڳالھه ڪجي تھ آمريڪا جي هڪ ٻي گڏيل قومن جي ايجنسي تان دستبرداري ان جي روايتي حريف چين لاءِ هڪ موقعو مھيا ڪري ٿي. ٽرمپ جي تازي قدم تي تبصرو ڪندي، چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته، “هي ٽيون ڀيرو آهي جو آمريڪا يونيسڪو تان دستبردار ٿيو آهي ۽ ملڪ ڊگهي عرصي کان پنهنجا بقايا ادا نه ڪيا آهن. هڪ وڏي ملڪ کي اهو نه ڪرڻ گهرجي.”
جيتوڻيڪ آمريڪا يونيسڪو جي بجيٽ جو 8 سيڪڙو حصو ڏئي ٿو، پر ان جي بقايا اصل ۾ لکن ۾ آهن. ڇاڪاڻ ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جو تنظيم تان دستبردار ٿيو آھي ۽ پوءِ ٻيهر شامل ٿيو ھو، انڪري يونيسڪو جو چوڻ آھي ته ان اھڙي گهٽتائي کي پورو ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا آهن ته جيئن ايجنسي پنهنجو ڪم جاري رکي سگهي. يونيسڪو جي ڊائريڪٽر جنرل جي مطابق، “آمريڪي جي مالي امداد واري گهٽتائي کي پورو ڪيو ويو آهي.” حقيقت ۾ ان ڳالھھ جي نشاندھي ڪئي وئي ته 2018 کان وٺي نجي عطيا ٻيڻا ٿي ويا آهن.يونيسڪو ۾ ميمبر ملڪن جو حصو شايد نرم طاقت جي اهميت ۽ اها ڇا ڪري سگهي ٿو، اهو ظاهر ڪري ٿو. اهم ثقافتي ۽ قدرتي جڳهن جي حفاظت ۾ يونيسڪو جو ڪردار ملڪن کي پنهنجي تاريخ جي پنهنجي نسخن کي هٿي ڏيڻ ۽ دنيا انهن کي ڪيئن ڏسي ٿي ان کي شڪل ڏيڻ جو موقعو فراھم ڪري ٿو.
اها حيران ڪندڙ ڳالھه نه هوندي جيڪڏهن چين،جيڪا هڪ اڀرندڙ طاقت آھي، سوفٽ پاور جي ھن پليٽ فرام تان پنھنجو ثر رسوخ استعمال ڪرڻ چاھي تھ آمريڪا جي نڪرڻ کان پوءِ پنهنجي عالمي نظريي کي هٿي ڏيڻ چاھي. يونيسڪو جي حصي ھئڻ جي طور تي ملڪ صرف پنهنجي ورثي جي حفاظت کان وڌيڪ ڪم ڪن ٿا.نيو يارڪ ٽائمز جي هڪ تازي رپورٽ ۾ ان ڳالهھ تي زور ڏنو ويو آھي تھ ڪھڙي طرح چين ‘عالمي ثقافتي ورثي جي عھدن جي لاءِ پڻ ڀرپور لابنگ ڪئي آهي ۽ ثقافتي لحاظ سان اھم ترين ماڳن واري ملڪ اٽلي کي پوئتي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي “.
ساڳي نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ وڌيڪ سوالن کي جنم ڏنو آھي . ان ۾ ذڪر ڪيو ويو آھي تھ چيني اختيارين لھاسا ۾ هڪ محل ۾ ٻه چيني طرز جون عمارتون تعمير ڪيون آهن، جيڪي يونيسڪو جي عالمي ثقافتي ورثو آھن. اھي ماڳ دلائي لاما جي پوئلڳن لاءِ گهري روحاني معنيٰ رکن ٿا. ملڪن کي عام طور تي اهڙن اهم ماڳن ۾ ڪا به تبديلي ڪرڻ کان اڳ يونيسڪو کي اطلاع ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي، پر چين ائين نه ڪيو آهي.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته يونيسڪو لاءِ ٻين جڳهين بابت غور ڪيو پيو وڃي، جيڪي سنڪيانگ جهڙن وڳوڙن وارن علائقن ۾ آهن. اتي جي گھڻ ئي مقامي ماڻهن کي خدشو آھي تھ انهن ماڳن کي سياحتي ھنڌن ۾ تبديل ڪرڻ سان ڪمرشلائيزيشن ذريعي انهن جي مذهبي ۽ ثقافتي روايتن کي نقصان پهچي سگهي ٿو.
جيئن تھ آمريڪا گڏيل قومن جهڙين بين الاقوامي تنظيمن ۾ پنهنجو ڪردار گهٽ ڪري رھيو آھي ، اهي گروپ تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. اڀرندڙ معيشتون ان موقعي کي پنهنجن مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۽ قيادت کان خالي عھدن کي پنهنجن ملڪن جي ماڻهن سان ڀرڻ جو موقعو سمجهندا. يونيسڪو جي معاملي ۾ هي هڪ دلچسپ سوال پيدا ڪري ٿوتھ ڇا ”مرڪزي ڌارا“ جي تاريخ ۽ ان جي بيانئي جو تصور تبديل ٿي ويندو، جيئن ان کي مخصوص اولهھ ۽ سفيد سمجهيو ويندو آهي ؟ڪجهه ماڻهو صورتحال کي منفي انداز ۾ ڏسن ٿا ۽ سوچين ٿا ته بين الاقوامي ادارن جا نالا ۽ ٽائٽل خريد ڪري سگهجن ٿا. جيڪڏهن اهو سچ آهي، ته پوءِ طاقت ۽ عزت جيڪا يونيسڪو جهڙن گروهن جي ڪنٽرول رھڻ مان حاصل ٿيندي آھي. اھا طاقت يا وقار گهڻو وقت نه ھلي سگهندو.گهڻا ماڻهو سمجهن ٿا ته ٻي مھاڀاري جنگ بعد پيدا ٿيل لبرل ورلڊ آرڊر جنھن مان اھي تنظيمون اڀريون آھن. هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. اهو واضح ناهي ته هن نظام جي انهن حصن جو ڇا ٿيندو جيڪي اڃا تائين موجود آهن، جهڙوڪ بين الاقوامي تنظيمون، معاهدا وغيره. ڪجهه ماڻهو اڃا تائين انهن تي يقين رکن ٿا، پر گھڻا ئي ٻيا ماڻھو خاص طور تي ايندڙ نسلن لاءِ ھي نظام پراڻو ٿي چڪو آھي.هاڻي اسان سڀ انتظار ڪريون ٿا ته ڪهڙي قسم جو نئون ورلڊ آرڊر پنهنجي جاءِ وٺندو. ان دوران اھوسوچڻ گهرجي ته اسان جي دنيا جا ڪهڙا حصا باقي رهندا ۽ ڪهڙا حصا هميشه لاءِ ختم ٿي ويندا.
آمريڪا گڏيل قومن جهڙين بين الاقوامي تنظيمن ۾ پنهنجو ڪردار گهٽ ڪري رھيو آھي ، اهي گروپ تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. اڀرندڙ معيشتون ان موقعي کي پنهنجن مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۽ قيادت کان خالي عھدن کي پنهنجن ملڪن جي ماڻهن سان ڀرڻ جو موقعو سمجهندا. يونيسڪو جي معاملي ۾ هي هڪ دلچسپ سوال پيدا ڪري ٿوتھ ڇا ”مرڪزي ڌارا“ جي تاريخ ۽ ان جي بيانئي جو تصور تبديل ٿي ويندو، جيئن ان کي مخصوص اولهھ ۽ سفيد سمجهيو ويندو آهي ؟
جُولاءِ 28, 2025