ملڪ ۾ اڄ کان شديد برساتن جي اڳڪٿي، موسميات کاتي خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ کان وڌيڪ برساتن جو امڪان،موسميات کاتي خبردارڪري ڇڏيو،
خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ هيٺيانهين علائقن ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ جو خطرو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ 29 کان 31 جولاءِ ۽ سنڌ ۾ 30 کان 31 جولاءِ دوران برساتون ٿينديون، جن مان ڪجهه طوفاني به ٿي سگهن ٿيون، جڏهن مٿاهين علائقن ۾ لئنڊ سلائيڊنگ جو به امڪان آهي.
موسميات کاتي طرفان سياحن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هو موسم کي نظر ۾ رکي سفر جا پروگرام ترتيب ڏين،
هوڏانهن گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ جي تباهي جاري آهي، دنيور ۾ درياهه جو رخ بدلجي ويو، ڪيترائي گهر ۽ فصل تباهه ٿي ويا، جڏهن ته مقامي ماڻهن ۽ ريسڪيو ادارن جي مدد سان انساني جانين کي بچايو ويو آهي.
چلاس، ٿڪ ۽ بابوسر ۾ فليش فلڊنگ سبب ڪيترائي گهر ۽ زرعي زمينون تباهه ٿي ويون، چوپايو مال به لُڙهي ويو آهي.
پاڪ فوج، گلگت بلتستان اسڪائوٽس ۽ ٻيا ادارا ريسڪيو آپريشن ۾ رڌل آهن ۽ گرائونڊ سرويئلنس ريڊار سسٽم سان دٻيل يا لُڙهي ويل ماڻهن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
لاهور ۽ پنجاب ۾ چوماسي جو سسٽم موجود آهي، جتي پڻ هلڪي برسات جو امڪان آهي، جنهن سبب گرمي ۽ ٻُٽ ۾ اضافو ٿيو آهي.