سکر: حسيني روڊ تي 50 لک رپين جي هٿياربند ڦر، واپارين ۾ بيچيني، تحفظ لاءِ احتجاج جو اعلان

Spread the love

سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ)حسيني روڊ تي ڏينهن ڏٺي جو 50 لک رپين جي ڦر واپاري حلقن ۾ سخت بيچيني ۽ غصي جي لهر سکر جي مصروف واپاري علائقي حسيني روڊ تي هٿياربند ڊڪيتن ڏينهن ڏٺي جو وڏي واردات سرانجام ڏيندي، مشهور واپاري شخصيت مناف ٽريڊرز جي مالڪ مناف کان 50 لک رپيا نقدي هٿيارن جي زور تي ڦري فرار ٿي ويا ٽن هٿياربند جوابدارن جديد هٿيارن سان ليس ٿي واردات کي انتهائي پيشه ور انداز ۾ انجام ڏنو ۽ آسانيءَ سان فرار ٿي ويا.

واردات کان پوءِ شهر جي واپاري برادري ۾ سخت بيچيني ۽ خوف جي لهر ڇانئجي وئي آهي، جتي روزانو وڌندڙ ڏوهن، خاص طور واپارين کي نشانو بڻائڻ، امن امان جي صورتحال تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. پوليس پاران واقعي کان پوءِ تاحال ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، جنهن تي واپارين پاران سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو آهي۔تاجر اڳواڻ حاجي محمد هارون ميمڻ جو نوٽيس، ايس ايس پي سکر سان ملاقات واردات جي فوري بعد، آل سکر اسمال ٽريڊرز اينڊ ڪٽيچ انڊسٽريز جي باني ۽ اڳواڻ حاجي محمد هارون ميمڻ واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي،

 ايس ايس پي سکر اظهر خان سان هنگامي ملاقات ڪئي۔ ملاقات دوران شهر ۾ وڌندڙ ڏوهن، خاص ڪري واپارين خلاف ٿيندڙ وارداتن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.حاجي محمد هارون ميمن طرفان ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ويو ته واقعي جي فوري جاچ ڪئي وڃي ڦر ڪيل رقم جي رڪوري جلد ڪرائي وڃي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ته جئين واپارين ۽ عام شهري پاڻ کي محفوظ سمجهن.واپاري برادري ۾ خوف جي فضا،

ڍ تحفظ جو مطالبو شهر جي ٻين واپاري تنظيمون ۽ ڪاروباري طبقي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سکر ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي، جتي هٿياربند ڦر، چوري ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌارو واپارين لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رهيو آهي.واپارين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري طور تي اثرائتا قدم نه کنيا ويا ته واپاري برادري مجبورن پنهنجا ڪاروبار بند ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي.

آخر ۾ واپارين پاران وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ويو ته سکر ۾ امن امان جي صورتحال جو فوري نوٽيس ورتو وڃي ۽ واپارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ واپاري برادري احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي

جُولاءِ 28, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو