ڦلجي اسٽيشن: ٻارنهن ريل گاڏيون بحال نه ٿيون، سيتا سرجڻهار فورم پاران ٽريڪ جي مرمت ۽ بحالي لاءِ احتجاج

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن ( رپورٽ:غلام حيدر پنھور ) ايم، ايل، ٽو، ريلوي ٽريڪ جون بند ڪيل ٻارنهن ريل گاڏيون بحال نه ٿي سگهيون ، سيتا سرجڻھار فورم پاران  ريل گاڏين جي بحالي ۽ ٽريڪ جي مرمت لاء پيارو ريلوي اسٽيشن تي احتجاجي مظاهرو  ،

مظاهرين پاران  ريلوي انتظاميا خلاف سخت نعري بازي ڪندي ٽريڪ مرمت ڪرڻ سميت سموريون  ريل گاڏيون هلرائڻ  جو مطالبو ڪيو ويو ، ان موقعي تي مظاهرين  مشهور ميمڻ ‘ منير احمد سمون’  غلام حسين پنھور’۔ دانش پنھور’محمد يوسف چنا’ محمد علي قريشي’ھارون احسن ابڙو’ وحيد ڀرڳڙي’ آصف پنھور’منٺار لھٻر ‘ طارق سمون’ پير رياض’مبين سمون’ سليم ملاح۽ ٻين چيو ته بند ڪليل ريل گاڏين هلرائڻ لاء ڪيترن سالن کان سنڌ جي ننڍين وڏين ريلوي اسٽيشنن تي احتجاج ڪيا آهن ،

 احتجاجن کان پوء موهن جو دڙو ايڪسپريس ريل گاڏي هلائي وئي آهي جنهن به 3 گاڏا لڳايا ويا آهن جنهن سبب مسافر درن تي لڙڪي توڙي ڇت تي سفر ڪرڻ لاء مجبور آهي جيڪو خطرناڪ آهي ڪيڏي مهل به ڪو وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو ، هنن وڌيڪ چيو ٻوڏن برساتن جي ڪري ريلوي ٽريڪ پڻ ڪمزور ٿي ويو آهي ريلوي ٽريڪ جي مرمت ڪرائي وڃي ،

 هنن وڌيڪ چيو ته  اسان جي احتجاج کي ڪمزور  ڪرائڻ لاء  ٻارنهن ريل گاڏين جي جاء تي ٻن ڪوچن واري موهن جو دڙو ايڪسپريس بحالي جو ريلوي انتظاميا پاران ڊرامو رچايو جيئن اسين چپ ڪري ويهي رهون ، ايم ايل ٽو ٽريڪ جي مرمت نه ٿيڻ سبب هنڌان هنڌان اکڙيل آھي پٽڙين کي پٿر ۽ فٽا ناهن آيل پٽڙيون پڻ ڏيڍيون پاسيريون بيٺل آھن جنهن ڪري حادثا پڻ ٿين ٿا مسافرن لاء ريلوي اسٽيشنن تي پاڻي ،

 بينچن سميت ٻيون سهولتون هٿ وٺي نه ٿيون ڏنيون وڃن،  مظاهرين ريلوي جي اعلا اختيارين سميت وسوارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته سڀئي ريل گاڏيون بحال ڪري ٽريڪ جي مرمت ڪرائي وڃي ٻيصورت ۾ هي احتجاجن جو سلسلو جاري رکيو ويندو ،

جُولاءِ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو