چيلهار: تاريخ جي پهرين ٿر لا ڪانفرنس، قانوني ڄاڻ ۽ شعور بابت رائيچند راٺوڙ لائبريري ۾ شاندار تقريب
چيلهار (رپورٽ : غلام رسول نھڙيو) چيلهار جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ٿر لا ڪانفرنس نوجوان ايڊوڪيٽ انيل ڪمار ميگهاڻي جي سربراهي ۾ رائيچند راٺوڙ لائبريري ۾ ٿي جنهن ۾ سنڌ مختلف ڪورٽن جي وڪيلن ، چيلهار شھر جي سول سوسائٽي ، سياسي سماجي ادبي صحافي دوستن سميت ڪيترن ئي استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي ۔
ان موقعي تي وڪيل رائسنگھ سوڍو ، ايڊوڪيٽ آف سپريم ڪورٽ شاڪر نواز شر ۽ ٻين پروگرام ۾ شريڪ شهرين سان مخاطب ٿيندي قانون متعلق ڄاڻ ڏيندي چيو ته اهي وڪيل ئي آھن جيڪي قانون جي ڄاڻ رکندي انسان جا بنيادي حق ۽ جهموريت لاء سدائين سڀ کان پهرين پنهنجو آواز بلند ڪندا آھن
جنهن جا تاريخ ۾ ڪيئي مثال موجود آھن ۽ هينئر ويجهڙائي ۾ ٻٻرلو باء پاس تي لڳندڙ ڌرڻي جو مثال توهانجي سامهون آھي.اسان کي خوشي ٿي آھي ته ٿر جي هڪ ننڍڙي شھر ۾ بهترين لائبرري به آھي ۽ اتي جا ماڻھو پڻ ايترا باشعور آھن جو اڃا وڌيڪ قانوني ڄاڻ رکڻ لاء ھن پروگرام جو اهتمام ڪيو آھي ان تي دوست انيل ميگهاڻي ۽ ان جا ٻانهن ٻيلي رهندڙ دوست جس لهن ۔
ان موقعي مجروح سوٽھڙ،ڊاڪٽر عبدالعزيز رحماني، ڪيلاش پنڙ ،وڪيل گلاب ڏيپال،وڪيل گلاب راجپوت، ريجهو راهي،مشتاق قاسماڻي ، وڪيل جگت موتاڻي، ڊاڪٽر شروڻ ڪمار بٺر ، ڀارومل امراڻي ،زيد جوکيو ،وڪيل موهت راٺي ،وڪيل گدا حسين، عمار قاضي، گوتم موتاڻي ، ڀرت ڪمار راساڻي ، نندلال روهيل ، ريجهومل سورتاڻي، ديوان ٻلديو مالهي سميت وڏي تعداد ۾ شهرين شرڪت ڪئي.
جُولاءِ 27, 2025