پاڪستان آمريڪي جنرل مائيڪل ڪوريلا کي نشانِ امتياز سان نوازي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري پاران آمريڪي جنرل مائيڪل اي ڪوريلا کي نشانِ امتياز (ملٽري) سان نوازيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه جنرل مائيڪل ڪوريلا کي علاقائي سلامتي ۽ دفاعي لاڳاپن ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف طور نشانِ امتياز (ملٽري) جو اعزاز ڏنو ويو.
اِهو اعزاز ڏيڻ جي تقريب ايوانِ صدر اسلام آباد ۾ ٿي، جتي جنرل ڪوريلا جي آمد تي پاڪ فوج، بحريا ۽ هوائي فوج پاران کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
تقريب دوران جنرل ڪوريلا پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت سان اهم ملاقاتون پڻ ڪيون، جن ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
آءِ ايس پي آر موجب اها اڳڀرائي پاڪ-آمريڪا دفاعي ڀائيواري ۾ مضبوط لاڳاپن جو هڪ نئون مثال آهي ۽ جنرل ڪوريلا جو ويزن علاقائي امن ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.