نوابشاهه: تيز رفتار ڊمپر معصوم ٻار کي زخمي ڪري ڇڏيو، ڊرائيور فرار، وارثن جو احتجاج ۽ روڊ بند

Spread the love

نواب شاھ ( رپورٽ :عبدالفتاح رند) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد تاج ڪالوني نواب شاھ بڇيري روڊ تي تيز رفتار ڊمپر جو معصوم ٻار کي ٽڪر جنھن جي نتيجي ۾ غلام حيدر شاھ ڪالوني جي رھواسي 6 سالن جي حسن علي پٽ سوز علي شيخ کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو

جنھن کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نواب شاھ آندو ويو جتي سندس علاج جاري آهي جڏھن ته ڊمپر ڊرائيور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو اطلاع بعد اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پوليس پهچي ڊمپر  کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏھن ته حادثي بعد معصوم ٻار جي وارثن روڊ تي رڪاوٽون وجھي ٽائر ساڙي روڊ بند ڪري سخت نعريبازي ڪئي انھي موقعي تي مظاهرين چيو ته ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي جنھن بعد پوليس پهچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرايو

جُولاءِ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو