ملير: محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب “ڏيئي هيٺان اوندھ” جي مهورتي تقريب، علمي ۽ ادبي شخصيتن پاران ڀيٽا پيش
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) ناليواري دانشور ليکڪ ۽ صحافي محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب “ڏيئي هيٺان اوندھ” جي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ شانائتي مهورتي تقريب، علم، ادب، صحافت ۽ سماج جي چونڊ شخصيتن جي شرڪت، زبردست لفظن جي ڀيٽا پيش، محمد علي پٺاڻ ادب شخصيت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهي هو نه رڳو ڪالم نويس، پر ڪهاڻي، شاعري، ناول، ڊرامي ۽ مضمون نويسيءَ جو سگهارو نالو آهي،
جنهن سنڌي ادب کي نوان لاڙا ۽ تازه فڪري ڏيک ڏنا آهن صحافت تلوار ۽ ادب بارود آهي مقررن جو خطاب، تفصيل موجب نالي واري دانشور، سينئر ليکڪ ۽ صحافي محمد علي پٺاڻ جي نئين ڪتاب “ڏيئي هيٺان اوندھ” جي شانائتي مهورتي جي تقريب عوامي پريس ڪلب ملير جي بابا اڪبر بلوچ هال ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي حلقن سان واسطو رکندڙ معزز مهمانن محمد علي پٺاڻ، زرار پيرزادو ، ڊاڪٽر شير مهراڻي، جاويد مهر، سيد خدادنو شاھ ، اصغر باغي، غني ڪاندڙو، جمشيد زهراڻي ، آغا شير گل سرڪي، لوڪ راڳي عبدالخالق ڀٽي، قومي ۽ رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي فرحان لاڙڪ، ضياء ابڙو، غلام نبي مگسي ،عرفان عباسي ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب جي صدارت محمد علي پٺاڻ ڪئي
ان موقعي تي ڪتاب تي پنهنجا ويچار ونڊيندي مقررن محمد علي پٺاڻ جي فڪري پختگي، ادبي ۽ صحافتي سچائيءَ تي روشني وجهندي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي هنن چيو ته محمد علي پٺاڻ تي ڳالهائڻ ڄڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهي هو نه رڳو ڪالم نويس، پر ڪهاڻي، شاعري، ناول، ڊرامي ۽ مضمون نويسيءَ جو سگهارو نالو آهي جنهن سنڌي ادب کي نوان لاڙا ۽ تازه فڪري ڏيک ڏنا آهن،
نئون ڪتاب “ڏيئي هيٺان اوندھ” عوامي آواز ۽ ڪاوش اخبارن ۾ شايع ٿيل 21 چونڊ ڪالمن تي ٻڌل آهي جن مان هر ڪالم پنهنجي اندر سماجي شعور فڪري وابستگي ۽ اڻ کٽ مشاهدي جو عڪس رکي ٿو هنن وڌيڪ چيو ته محمد علي پٺاڻ مسلسل لکي رهيو آهي هي سندس 36 هين ڪتاب آهي جيڪا رڳو ڪالمن جو مجموعو نه پر هڪ دور، هڪ سوچ، ۽ هڪ سماجي اظهار جو جاکوڙي سفر آهي
جيڪو محمد علي پٺاڻ جي فڪري جنم ڀوميءَ مان نڪتل آهي صحافت تلوار ۽ ادب بارود هنن چيو ته عوامي پريس ڪلب ادبي ميڙاڪا ڪوٺائي اديبن ،ليکڪن، سياسي سماجي ڪارڪنن کي پاڻ ۾ جوڙي ڇڏيو آهي جيڪو اعزاز هن صحافتي اداري ڏانهن وڃي ٿو تقريب ۾ عوامي پريس ڪلب ملير طرفان سڀني مهمانن کي گلن ۽ سنڌ جي سڃاڻپ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا جڏهن ته لطيف سائين جي وائي ۽ قومي گيتن سان محفل ۾ قومي جذبي جو رنگ ڀرجي ويو
جُولاءِ 27, 2025