ملير: درسانو ڇنو جي قديم وسنديون گندگيءَ جي لپيٽ ۾، علائقي واسين پاران چونڊيل نمائندن کان صفائي جي بهتري لاءِ اپيل

Spread the love

ملير (ڊر ) ملير جون قديم وسنديون گندگي جي ور چڙهي ويون صفائي جا انتظام بهتر نه هجڻ سبب شهري سخت اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا  يوسي درسانو ڇنو جا مختلف علائقا حاجي شيدي ڳوٺ مزار خان جوکيو ڳوٺ ڊملوٽي  بلدياتي چونڊيل نمائندن کان وسري ويا ،   گهٽين مک روڊن مسجدن توڙي  مارڪيٽن توڙي اسپتالن آڏو  گندگيء جا ڊيرا لڳي ويا

 گندگيء سبب مڇرن ۾ واڌ ٿي وئي مختلف موذي مرض پکڙجڻ لڳا

علائقي واسين نور الدين عرفان احمد قادر بخش وزير علي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته گٽر اٿلڻ سبب رستا ۽ گهٽيون گندي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جنهن ڪري نمازين، عورتن توڙي ٻارڙن کي هلڻ ڦرڻ  ۾ سخت پريشاني ٿي رهي آهي

 چونڊيل بلدياتي نمائندن جي نا اهلي سبب عوام سخت پريشان آهي

علائقي واسين ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ انتظاميا توڙي تڪ جي چونڊيل نمائندن   ايم پي اي ساجد جوکيو ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو چيئرمين گڏاپ ٽائون طارق بلوچ کي اپيل ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي صفائي جا انتظام بهتر ڪري شهرين کي رليف فراهم ڪيو وڃي

جُولاءِ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو