قانون جي بالادستي ۽ انصاف تائين رسائي لاءِ اهم ورڪشاپ، راجوير سنگھ سوڍو خاص مهمان
ڇور(رپورٽ: لالجي سوڍو ) سنڌ جي وڏي وزير جي انساني حقن بابت خاص مددگار، معزز راجوير سنگھ سوڍو هوٽل مهراڻ ڪراچي ۾ منعقد ٿيل هڪ اهم قانوني تربيتي ورڪشاپ ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، هي ورڪشاپ قانون جي حڪمراني ۽ انصاف تائين رسائي کي مضبوط ڪرڻ جي عنوان سان ٿي،
جنهن ۾ سنڌ جي مختلف بار اسوسيئيشنز سان تعلق رکندڙ 100 کان وڌيڪ وڪيلن شرڪت ڪئي، ورڪشاپ جي قيادت سينيئر قانوني ماهر ايڊووڪيٽ صفيه لاکو ڪئي، جڏهن ته آمريڪا، نائيجيريا، ايسواٽني ۽ پاڪستان جي نامور وڪيلن ۽ قانوني ماهرن پنهنجا علمي ليڪچر ۽ پيشڪشون ڏنيون، هي ورڪشاپ آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاران انٽرنيشنل وزيٽرز ليڊرشپ پروگرام (IVLP) جي 2025 واري ايمپيڪٽ اوارڊ تحت Meridian International Center جي سهڪار سان ترتيب ڏني وئي،
راجوير سنگھ سوڍو پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته قانوني ادارن سان لاڳاپيل اهڙا پروگرام انساني ۽ شهري حقن جي واڌاري لاءِ انتهائي اهم آهن، خاص ڪري محروم طبقي کي قانوني امداد فراهم ڪرڻ لاءِ، هن وڌيڪَ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت خاص طور انساني حقن واري کاتي ۽ لاڳاپيل ادارن وسيلي نازڪ ۽ ڪمزور طبقي کي قانوني مدد فراهم ڪري رهي آهي،
هن سنڌ انساني حقن واري پاليسي 2023–2027 تي عملدرآمد کي به اجاگر ڪيو، جيڪا انصاف تائين رسائي ۽ قانوني امداد کي بنيادي حق تسليم ڪري ٿي، ورڪشاپ جي آخر ۾ راجوير سنگھ سوڍو شرڪت ڪندڙ وڪيلن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا.
جُولاءِ 27, 2025