صدر آصف علي زرداري 70 ورهين جو ٿي ويو، سياسي اڳواڻن طرفان مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جا پيغام

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري 70 سالن جو ٿي ويو، سياسي اڳواڻن طرفان سالگرهه جي موقعي تي صدر آصف زرداري کي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جا پيغام وصول ٿي رهيا آهن.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي صدر آصف زرداري کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندس جمهوريت لاءِ ڏنل قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن ۽ هو آئيني بالادستي ۽ مفاهمتي سياست جو علمبردار رهيو آهي.
سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو ته آصف علي زرداري 18هين ترميم ذريعي صوبن کي خودمختياري ڏني، خيبر پختونخواهه کي سڃاڻپ ڏني ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي عورتن کي بااختيار بڻايو، سي پيڪ جهڙي تاريخي منصوبي جو بنياد به زرداري جي دور ۾ رکيو ويو.

جُولاءِ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو