دادو: ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي غير قانوني پيٽرول وڪڻندڙ يونٽن خلاف ڪارروائيون، 04 يونٽ سيل

Spread the love

 دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ڊپٽي ڪمشنر دادو جي هدايت تي تعلقي خيرپور ناتھن شاهه ۽ ميهڙ ۾ انتظاميه پاران ڪاروايون، 04 غيرقانوني پيٽرول يونٽ سيل ڪيا ويا.تعلقي خيرپور ناتھن شاهه ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر محسن رضا دستي ڪڪر واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي هڪ غير قانوني پيٽرول يونٽ کي سيل ڪيو.

 معائني دوران ماپ ۾ گهٽتائي ثابت ٿي، جڏهن⁠تہ يونٽ هلائيندڙ عملي طرفان ڪي به قانوني دستاويز يا سرڪاري اجازت نامو پيش نه ڪيو ويو، جنهن تي ماپ ۾ گهٽتائي ۽ اجازت نامي جي غير موجودگي سبب يونٽ کي فوري طور تي سيل ڪيو ويو.

تعلقي ميهڙ جي علائقي سنڌي بُٽڙا ۾ مختيارڪار اسلم مگسي سپروائيزر تپيدار نديم مهيسر سان گڏ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ٽن غير قانوني پيٽرول وڪڻندڙ يونٽن کي سيل ڪيو ويو، ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضىٰ علي شاهه چيو آهي تہ ضلع ۾ غيرقانوني پيٽرول جو وڪرو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ اهڙي غيرقانوني ڌنڌي ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي،

جُولاءِ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو