تجربيڪار حڪمران جماعتن کي ماضي جا تلخ تجربا نه ورجائڻ گهرجن

Spread the love

اسان جو اهو خيال رهيو آهي جنهن جو اظهار پاڻ بار بار به ڪندا رهيا آهيون ته مسلم ليگ (ن)  ۽ پ پ کي جيئن ته ڪافي ڀيرا حڪومتون ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ته هاڻي انهن کي تجربيڪار حڪومت واري ڪارڪردگي ڏيکارڻ گهرجي پر افسوس ته اهي اقتداري جماعتون اهڙو ڪو تاثر قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن جنهن ڪري هاڻي به عام ماڻهو اهو سمجهندو آهي ته ملڪ اندر حقيقي جمهوريت ناهي ۽ چوڻ وارا  ته اهو به چوندا آهن ته انهن اقتداري جماعتن جي اڳواڻن صرف پنهنجا ڀڀ ڀريا آهن، حڪومتن مان ڪمائي ٻاهرين ملڪن جي بينڪن ۾ پيسا جمع ڪري رکيا آهن. اقتدار ۾ ناهن هوندا ته ٻاهرين ملڪن ڏانهن هليا ويندا آهن. علاج به اتان ڪرائيندا آهن باقي ملڪ ۽ عوام جي ڀينگ ڪري ڇڏي اٿن. ڪي  جمهوريت دشمن ڌريون ته اها به پروپيگنڊا ڪنديون رهنديون آهن ته ان کان بهترين ته مارشل لائي حڪومتون هونديون آهن مطلب ته  عوام  کي جمهوريت جو اصل ۽ حقيقي ثمر  نه ملي سگهيو آهي جيڪو گهٽ ۾ گهٽ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي تجربيڪار اقتداري قيادت کي مُهيا ڪرڻ گهرجي.

2024ع جي فيبروري تي ٿيل چونڊن کان پوءِ اتفاق سان هن وقت ملڪ اندر انهن ٻنهي جماعتن جي وفاق ۽ ٽن صوبن ۾ حڪومت آهي پر ٻنهي جي گڏيل حڪومت ۽ وسيع تجربن باوجود سندن ڪارڪردگي ته ٺهيو بيانن ۽ روين ۾  به ڪا تجربيڪاري نظر نه ٿي اچي. جڏهن ته بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جڏهن مشرف جي حڪومت ۾ ”ميثاق جمهوريت“  ڪيو هو ته محسوس ٿيو هو ته ڊگهين آمريتي حڪومت کي منهن ڏيڻ کان پوءِ انهن جماعتن آخرڪار اها ڳالهه سکي ورتي آهي ته پارلياماني ۽ جمهوري نظام تڏهن مضبوط ٿيندو ۽ اسان کي توڙي عوام کي ان جو ثمر تڏهن ملندو جڏهن اسان ٻئي ملڪ جون وڏيون اقتداري جماعتون پاڻ ۾ ان نقطي تي مفاهمت ڪريون ته اسان هڪٻئي جون حڪومتون ڪيرائڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ونگار نه وهنداسين ۽ پوءِ واقعي به اسان ڏٺوسين ته ميثاق جمهوريت کان پوءِ ملڪي سياست جي ٻن سخت ترين حريف جماعتن جو هڪٻئي ڏانهن رويو ڪافي بهتر رهيو آهي پر ان کي اڃان بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي خاص  ڪري اهو رويو حڪومتي ڪاڪردگي ۾ به ڏسڻ ۾ اچي  ته جيئن ان جو فائدو سڌو سنئون عوام کي پهچي. اقتداري مفادن تائين ته پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جو پنهنجو پاڻ ۾ رويو ڪجهه بهتر آهي پر انهن بهتر لاڳاپن جو عوام کي به هاڻي فائدو پهچڻ گهرجي. خاص طور تي مهانگائي ، پيٽروليم جا هر پندرنهن ڏينهن وڌندڙ اگهه، بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ، عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ لاءِ مثالي امن قائم ڪرڻ ۽ روزگار جا موقعا مُهيا ڪرڻ وارن معاملن کي هي تجربيڪار حڪمران جماعتون منهن نه ڏئي سگهيون آهن نه انهن معاملن کي چئلنج ڪري ورتو ويو آهي.

جڏهن مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ گڏيل طور حڪومت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ته تڏهن ئي اسان ايڊيٽوريل ۾ کين صلاح ڏني هئي ته هاڻي ملڪ اندر غير رواجي ۽ نئين سياست ڪريو ۽ مخالف ڌر جي جماعت سان انتقامي ڪارروايون نه ڪريو. پر پي ٽي آءِ سان حڪمران جماعتن جو هاڻي اهو رويو آهي جيڪو ماضيءَ ۾ پ پ ۽ مسلم ليگ جي حڪومتن جو هڪٻئي سان هوندو هو.

ايئن ڏسجي ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم به هڪ ئي صوبي سنڌ جون جماعتون هوندي ۽ سنڌ اسيمبلي جون ٻه وڏيون جماعتون هوندي به هڪٻئي سان دشمنن وارو تعلق رکنديون ٿيون اچن ۽ سنڌ ۾ نسلي، لساني ۽ تعصب واري سياست کي زنده رکنديون ۽ ان کي هٿي ڏيندي نظر اچي رهيون آهن سندن تجربيڪار جماعت هئڻ جي عملي طور اها تقاضا هئڻ گهرجي ته اهي ماضي جي تعصب ۽ نسلي توڙي لساني ۽ نفرت انگيز سياست جي هيبت ناڪ نتيجن مان سکن پر افسوس ته سنڌ جون اهي ٻه تجربيڪار حڪمران جماعتون ان ڏس ۾ به سکڻ لاءِ تيار ناهن ۽ اهي هڪٻئي خلاف سنڌ جي وحدت جهڙي حساس ۽ جذباتي معاملي سان به هٿ چراند ڪري رهيون آهن جنهن کي اسان نفرت جي باهه پکيڙڻ ۽ لساني فساد ڪرائڻ جي سازش، تجربيڪار حڪمرانن جي اٻهرائپ، ڇسي سياست سمجهون ٿا.

ايم ڪيو ايم کي به پنهنجي لساني ۽ تعصب واري سياست هاڻي دفن ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي پنهنجي اڳوڻي قائد جي عبرت ناڪ حشر مان سبق سکڻ گهرجي پر جيڪڏهن ايم ڪيو ايم اها ڳالهه نه ٿي سمجهي ته پ پ جي حڪومت کي سندن ٻاريل تعصب واري باهه کي وسائڻ جو ڪم ڪرڻ گهرجي پر ڪجهه وقت کان پاڻ ڏسي رهيا  آهيون ته اها به ايم ڪيو ايم جي ٻرنديءَ تي تيل هارڻ جو يعني کين چيڙائڻ ۽ لساني سياست ڏانهن ڌڪڻ جي خوف ناڪ سياست ڪري رهي آهي جنهن کي ڏسي حيرت ٿي  رهي آهي. پ پ ته حڪومت ۾ آهي اها ڇو ٿي ايم ڪيو ايم جي هر بيان جو جذباتي انداز ۾ جواب ڏي. ٻيو ته حڪومتي اختلافن ۽ تنقيدن تي سنڌي ۽ مهاجرن جو نسلي پتو ڇو ٿو اڇلايو وڃي. انهن جماعتن کي پنهنجي پنهنجي پوزيشن تحت يعني سنڌ اسيمبلي جي حڪمران ڌر ۽ مخالف ڌر طور هڪٻئي کي جواب ڏيڻ گهرجي ۽ مجموعي طور تي عوام جو ذڪر ڪرڻ گهرجي يا حوالو ڏيڻ گهرجي، ان معاملي ۾ سنڌي ۽ مهاجرن يا سنڌ ۾ ڌار صوبي جو ذڪر ۽ حوالو ڇو ٿو ڏنو وڃي.؟

اسان جو خيال آهي ته ان حساس معاملي ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي محتاط رهڻ گهرجي ۽ ماضي جي تلخ تجربن مان سکڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ تاريخ کي پنهنجو حساب وٺڻ ايندو آهي. آخري فتح عوام جي ٿيندي آهي ۽ عوام نسلي، لساني ۽ تعصب واري سياست کي نه رڳو رد ڪري چڪو آهي پر اهڙي سياست ڪندڙن کي جيئري ئي عبرت ناڪ سبق ڏيکاري چڪو آهي.

جُولاءِ 27, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو