اسحاق ڊار، عافيا صديقي ڪيس بابت بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ڊاڪٽر عافيا صديقي ڪيس بابت پنهنجي بيان جي وضاحت ڪري ڇڏي.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اسحاق ڊار چيو ته منهنجي گذريل ڏينهن جي بيان کي حقيقت کان هٽي پيش ڪيو پيو وڃي، ن ليگ جي حڪومتن ۾ اسان سدائين ڊاڪٽر عافيا صديقي جي آزادي لاءِ سموري سفارتي ۽ عدالتي مدد فراهم ڪندا رهيا آهيون ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين، جيستائين آزادي جو معاملو حل نه ٿي وڃي.
هي به پڙهي سگهو ٿا: عافيا صديقي کي قانوني طريقي ڪار تحت سزا ٿي: اسحاق ڊار
هن چيو ته هر ملڪ جا عدالتي ۽ قانوني طريقي ڪار هوندا آهن، جن جو احترام ڪرڻ گهرجي، ڀلي اهو پاڪستان هجي يا آمريڪا، ڊاڪٽر عافيا صديقي جي آزادي جي معاملي تي اسان جي حڪومت جو موقف واضح آهي.
جُولاءِ 27, 2025