ڦلجي اسٽيشن: ڳوٺ فضل ڪنڊي ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، چار ڄڻا زخمي

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: غلام حيدر پنھور) ڳوٺ فضل ڪنڊي ۾ زمين جي مالڪي تان  پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ڏنڊا ،ڪهاڙيون لڳڻ ڪري ٻنهي ڌرين جا چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، سمورن زخمين کي اسپتال نئيو ويو  

ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ فضل ڪنڊي ۾ زمين جي مالڪي تان پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ ڪري ٻنهي ڌرين جا چار ڄڻا عبدالله پنهور ، حفيظ پنهور، بابر علي پنهور ، ھدايت الله پنهور زخمي ٿي پيا ، اطلاع تي پوليس پهچي سمورن زخمين کي علاج لاء سول اسپتال دادو پهچايو رابطي تي ايس،ايڇ،او سانوڻ ڪلهوڙو ٻڌايو ته پنهور برادري جي  نثار پنهور ۽ عبدالله پنهور جي ٻنهي ڌرين جو ۾ تڪرار هلندڙ آهي ۽ معامرو ڪورٽ سڳوري ۾  آهي  ،

اڄ اچانڪ ٻنھي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ڏنڊا ڪهاڙيون لڳڻ ڪري ٻنھي ڌرين جا چار ڄڻا زخمي ٿي پيا ،جهيڙي جي اطلاع تي پهچي جهيڙي کي ٽاريو ۽ ٻنهي ڌرين جي  زخمين کي علاج لاء اسپتال پهچايو ، آخري اطلائن تائين جهيڙي جو ڪوبه ڪيس وغيره داخل نه آهي ڪرايو ويو ،

جُولاءِ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو