”ڀارتي حمايت يافتا دهشتگردن جو انجام عبرتناڪ موت آهي“

Spread the love

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائين ۾ بلوچستان حڪومت سان سهڪار جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ”فتنه الهندستان“ جي دهشتگردن جو انجام عبرتناڪ موت هوندو.
ڪوئيٽا ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۽ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف کنيل قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون، ٻنهي اڳواڻن شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ انهن لاءِ دعا به ڪئي.
بعد ۾ محسن نقوي ۽ سرفراز بگٽي جي صدارت هيٺ امن امان بابت هڪ خاص اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ فتنه الهندستان خلاف مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين بابت تفصيل سان غور ڪيو ويو.

اجلاس دوران سرفراز بگٽي امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ سيڪيورٽي قدمن بابت بريفنگ ڏني، صوبي جي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۽ ان ۾ پيش ايندڙ رنڊڪن جو به جائزو ورتو ويو.
محسن نقوي چيو ته فتنه الهندستان سان واسطو رکندڙ دهشتگردن جو انجام عبرتناڪ موت آهي، ڀارتي سرپرستي هيٺ سرگرم دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انجام تائين پهچايو ويندو، رياست جي رٽ چيلينج ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بلوچستان حڪومت سان مڪمل سهڪار جاري رهندو.
سرفراز بگٽي چيو ته اها رڳو سيڪيورٽي فورسز جي جنگ نه پر سموري قوم جي جنگ آهي، دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪيون ويون آهن، بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ رياستي ادارا گڏيل حڪمت عملي سان سرگرم آهن، سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جون قربانيون ضايع نه ٿينديون، هر قيمت تي امن قائم ڪنداسين.

جُولاءِ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو