ٺٽو: مسلم ليگ (ن) پاران مرف انتظاميه ۽ ڊائلايسز سينٽر جي نااهلي خلاف احتجاجي تحريڪ ۽ عدالت وڃڻ جو اعلان
ٺٽو(رپورٽ: نظير احمد قريشي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران مرف انتظاميه، ڊائلايسز سينٽر جي نااهل عملدارن خلاف احتجاج جو اعلان پاڪستان مسلم ليگ (ن) ضلعي ٺٽو جي سينيئر نائب صدر عبدالرزاق خشڪ مرف (MRF) جي ڊائريڪٽر ملڪ آدم، ڊائلايسز سينٽر جي رٽائرڊ ڊاڪٽر سرور شيخ ۽ رحمت الله ميمڻ جي مبينا نااهلي، غفلت ۽ ڪرپشن خلاف سخت احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ ۽ عدالت سان رجوع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
عبدالرزاق خشڪ جو چوڻ آهي ته مرف انتظاميه ۽ اسپتالن جي عملدارن جي نااهلي سبب ضلعي ٺٽي جا بيشمار مريض تڪليفن جو شڪار آهن، جڏهن ته اسپتالن جي فنڊن ۽ سهولتن جي غير شفاف ورڇ تي سخت خدشا پيدا ٿي ويا آهن. هن الزام لڳايو ته ڊاڪٽر سرور شيخ، جيڪو هاڻ رٽائر ٿي چڪو آهي، ۽ رحمت الله ميمڻ ڊائلايسز سينٽر ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا، پر سندن نااهلي سبب مريضن جي زندگين سان کيڏيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي ٺٽي ۾ عوام پاران مسلسل احتجاج جاري آهي، پر ان جي باوجود مرف انتظاميه ۽ ضلعي سول سرجن مڪمل خاموشي اختيار ڪئي آهي. هن الزام هنيو ته ٻئي ادارا پاڻ ۾ ملي ڀڳت ۽ ڪرپشن جي الزامن هيٺ اچي رهيا آهن، ۽ هڪٻئي جي حمايت ذريعي احتساب کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
پاڪستان مسلم ليگ (ن) ضلعي ٺٽو پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته اعليٰ اختيارين فوري طور تي جاچ جو حڪم جاري ڪن، نااهل آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مريضن لاءِ بهتر طبي سهولتون يقيني بڻايون وڃن. سِوِل اسپتال ۾ جيڪي ڪنسٽريڪشن جا ڪم ٿيا آهن اُهي ٺيڪا هڪ سياسي جماعت جي خاص ماڻهو جي نالي تي ڏنا ويا آهن جن کان ملڪ آدم 30 پرسنٽ ڪميشن ۽ پنهنجو تحفظ وٺي رهيو آهي جيڪو آءٌ پريس ڪانفرنس ذريعي ۽ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري وائکو ڪندس.
جُولاءِ 26, 2025