هڪ طرفي محبت فضول ۽ وقت جو زيان آهي، شادي کانپوءِ ئي محبت ڪرڻ گهرجي: حُميرا چنا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ليجنڊري گلوڪاره حُميرا چنا انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن هن ڳائڻ شروع ڪيو، تڏهن سندس گهروارن، خاص طور تي سندس چاچي سندس پيءُ سان تعلق ختم ڪري ڇڏيو هو.
ويجهڙ ۾ حُميرا چنا نجي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ذاتي ۽ فني زندگي سميت مختلف معاملن تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
هن چيو ته سندس پيءُ فلمساز هو، جنهن شروعات ۾ سنڌي ۽ پوءِ پنجابي ۽ اردو فلمون به پروڊيوس ڪيون، جڏهن ته سندس ماءُ کي به شعر ۽ ادب سان دلچسپي هئي.
سندس چوڻ هو ته جيتوڻيڪ والدين جي فنون لطيفه ۾ دلچسپي سبب کيس گلوڪاري ڏکي نه لڳي، پر پنهنجو نالو ٺاهڻ ۽ موقعا حاصل ڪرڻ ۾ کيس سخت ڏکيائون پيش آيون.
حُميرا موجب، هن ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) تان ننڍپڻ ۾ ئي گلوڪاري شروع ڪئي، جتي موسيقار نثار بزمي سان به ڪم ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ان کان پوءِ نثار بزمي ئي کيس پهريون ڀيرو فلمن ۾ ڳائڻ جو موقعو ڏنو ۽ ”هم ايڪ هين“ نالي فلم جا سمورا گيت هن ڳايا.
حُميرا انڪشاف ڪيو ته ان فلم ۾ هڪ گلوڪارا کي هيروئن طور ڪاسٽ ڪيو ويو هو، جنهن نثار بزمي سان جهيڙو ڪيو ته فلم جا گانا هوءَ ڳائيندي، پر نثار بزمي هيروئن جي ڳالهه نه مڃي.
سندس چوڻ هو ته فلم ٺاهڻ دوران نثار بزمي سان هيرو به جهيڙا ڪندو رهيو ۽ انهن جهيڙن جون ڳالهيون شوبز انڊسٽري ۾ مشهور ٿي ويون.
گلوڪارا موجب، نثار بزمي جي طرفان ننڍي عمر ۾ ئي سڄي فلم جا گانا ڳارائڻ کان پوءِ سندس اعتماد وڌيو، فلمن ۾ ڳائڻ تي ايوارڊ به ماڻيائين، شهرت حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ کيس مرحوم استاد نصرت فتح علي خان سان به ڳائڻ جو موقعو مليو.
هڪ سوال جي جواب ۾ حُميرا چنا چيو ته ڪيريئر ٺاهڻ ۽ گلوڪاري سان محبت جي چڪر ۾ کيس ڪڏهن ڪنهن مرد سان عشق نه ٿيو، نه ئي ڪڏهن اهڙو خيال آيو، پر شادي کان پوءِ پنهنجي مڙس کي مجازي خدا مڃيو ۽ صرف هن سان محبت ڪئي.
هن هڪ طرفي محبت کي به فضول ۽ وقت جو زيان قرار ڏيندي چيو ته سندس خيال ۾ نڪاح ۽ شادي کان پوءِ ئي محبت ڪرڻ گهرجي.
حُميرا چنا انڪشاف ڪيو ته جڏهن هن گلوڪاري شروع ڪئي ته سندس پيءُ سان خاندان وارن لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا ۽ طعنا ڏيندا هئا ته سندس ڌيءَ گانا ڳائي رهي آهي.
گلوڪارا وڌيڪ چيو ته سندس چاچي به سندس پيءُ سان لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا هئا، پر سندس مشهور ٿيڻ کان پوءِ خاندان وارن سان ٻيهر لاڳاپا بحال ٿي ويا.