ملير کي منشيات جو ڳڙهه بڻائڻ جي سازش، پوليس جي مبينا سرپرستي خلاف حسين بخش جوکيو جو احتجاج

Spread the love

ملير (ڊر ) ڊيفينڊر آف پاڪستان آرگنائيزيشن ملير جي چيئرمين حيسن بخش جوکيو جو چوڻ آهي ته ملير کي هٿ وٺي منشيات جو ڳڙه ٺاهيو پيو وڃي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ  ملير ۾ منشيات فروشن کي پوليس جي سرپرستي حاصل هجي،  

بدنام زمانا منشيات فروش ۽ پوليس عملدارن وچ ۾ ياري سبب گهڻائي ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجي ويا پر اعليٰ ادارن جي ڪن تي جون به نه سري. هن چيو ته ملير ضلعي ۾ شروعات دور ۾ سرسبز علائقي سان سڃاتو ويندو هو جنهن ۾ خاص ڪري درساڻو ڇنو جيڪو سرسبز سان گڏ علمي درسگاهه سڏيو ويندو هو هن الزام هڻندي چيو ته هن وقت ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد لنڪ روڊ چوڪي ۽ اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي گهگهر چوڪي جي انچارج جي سرپرستي چورو گٽڪو مائو ۽ ٻيون انساني صحت لاءِ هاڃيڪار  منشیات درساڻو ڇنو لنڪ روڊ کان ڳوٺن جي سروس روڊن گهگهر ڪراس ڪري ٺٽي ضلعي حد ڌاٻيجي پهچي رهي آهي

 هن وڌيڪ چيو ته منشيات فروش منشيات جي دنيا ۾ سرگرم بڻجي روزانو جي بنيادن تي ڪروڙين رپين جو ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ ڪيتريون ئي زندگيون تباه ڪرڻ لڳو آهي    ڪجهه وقت اڳ ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد درساڻو ڇنو سميت مختلف علائقن ۾ گهربل جوابدارن خلاف پوليس ڪارروائيون ڪري سندس لڳايل گٽڪو ۽ مائو تيار ڪرڻ جي فيڪٽري تي ڇاپا هڻي گرفتاريون ڪري ڪجهه وقت منشيات بند ڪرائي وئي پر هن وقت  پوليس جي سرپرستي ۾ ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي ۽ اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حدن ۾ منشيات فروش  فيڪٽرين ۽ موٽرسائيڪلن گاڏين جي ذريعي ٻيهر ڪاروبار ڄمائي ڪيتريون زندگيون تباه ڪري رهيا آهن

ان سلسلي ۾ حسين بخش جوکيو وڌيڪ چيو ته مک منشيات فروشن خلاف ڪاروائي نه ڪري پوليس ساٿاري هجڻ جو جواز پيش ڪري رهي آهي  اگر پوليس جي سرپرستي ناهي ته پوءِ ھو پوليس سميت سمورين اختيارين کان بالاتر اثر رسوخ رکندڙ شخص آهين جنهن ڪري پوليس سندن ويجهي اچڻ کان به ڪيٻائي ٿي وزير اعلي سنڌ آئي جي سنڌ ملير جي منتخب نمائندن کي اپيل ٿو ڪريان ته منشيات کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي مستقبل جي معمارن کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن

جُولاءِ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو