عورتن جي وڌندڙ قتلن کي روڪڻ لاءِحڪومت پاڻمرادو مقدما درج ڪرائي ۽ انهن جي پوئواري ڪري

Spread the love

آڳاٽي زماني ۾ عورتن جا جڏهن قتل ٿيندا هيا ته ان ڪُڌي عمل کي تعليم جي کوٽ ۽ جهالت جو ڪارڻ سمجهيو ويندو هو پر هاڻي هن جديد 21 هين صدي واري تعليم يافته دور ۾ به خاص ڪري اسان جي  ملڪ اندر عورتن جي قتلن جا واقعا روز جي بنياد تي ڪٿان نه ڪٿان رپورٽ ٿين ٿا ته ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون، اسان ته ذاتي طور تي جانورن تي تشدد به ڏسي ناهيون سگهندا، ڪنهن ٻار تي چماٽ هڻڻ جو منظر به پسي نه سگهندا آهيون ته ڪنهن به ماڻهو کي هٿ سان ماري ڇڏڻ واري عمل کي ڪيئن ڏسي ۽ برداشت  ڪري سگهبو.

 اسان جي سماج اندر عورت جي زندگي ته هونئن ئي غلامي واري رهي آهي، جيترو ظلم اسان جي سماج ۾  عورتن مٿان ٿئي ٿو اوترو ته ڪنهن مٿان به نه ٿيندو هوندو. غير تعليم يافته ماڻهو عورت کي قتل ڪري ته ان جي جهالت کي ڏوهه ڏجي پر جيڪڏهن پڙهيل لکيل تعليم يافته وڏن وڏن شهرن ۽ پوش علائقن ۾ رهندڙ وائيٽ ڪالر ماڻهو به عورتن کي قتل ڪن ته ان عمل کي ڪهڙو نالو ڏجي!

اصل ۾ ماڻهوءَ جي  سوچ تعليم سان گڏ خانداني ماحول ۽ تربيت سان به لاڳاپيل هوندي آهي، اهو تاثر به هوندو آهي ته ترقي پسند، روشن خيال خاندان ۽ سماجن ۾ عورتن کي جيئڻ جا سڀ بنيادي حق ملندا آهن جڏهن ته عام طور تي پدري سماج ۾ عورتن جون زندگيون دوزخ نما هونديون آهن. اسان جو سماج به پوءِ اهو ڳوٺاڻو هجي يا شهري سو حقيقت ۾ عورتن جي لائق ناهي، قبيلائي علائقن جي ماحول جي ته ڳالهه ئي نه ٿا ڪريون.سو عورتن جي حوالي سان اسان جي سماج کي تمام گهڻو بهتر ۽ مهذب ٿيڻو پوندو. باوجود ان جي ته اسان جو ملڪ اسلامي آهي ۽ مذهب ۾ عورت کي عزت جو مقام ڏنل آهي، پر پوءِ به جيڪڏهن عورت کي عزت جو مقام ڏنل آهي، ماءُ جي پيرن هيٺيان جنت رکي وئي آهي پر پوءِ به جيڪڏهن عورت جي عزت نه ٿئي ۽ ان کي جيئڻ جا بنيادي حق نه ملن ۽ ماڻهو مذهبي سبقن جو به احترام نه ڪن ته پوءِ حڪومتن ۽ انهن جي قانونن کي اڳتي اچڻو پوندو.

 ڪنهن به حڪومت جي اولين ذميواري ماڻهن جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ هوندو آهي. سان هتي حڪومت حڪومت ۽ عدالت کي هڪ تجويز ڏجي ٿي ته جتي به ڪنهن عورت جو قتل ٿئي ته حڪومت ۽ عدالت پاڻمرادو نوٽيس وٺندي عورت جي قتل جو مقدمو قائم ڪري ۽ پوءِ ان سڄي ڪيس جي پوئواري ڪري عورتن جي قاتلن کي سخت سزا ڏيارڻ جو ڪم ڪري ڇاڪاڻ ته عام ماڻهو قاتلن جي منهن مقابل ٿيڻ کان ڊڄندو آهي، ٻيو ته اسان وٽ پوليس ۽ مقامي انتظاميا جو به ڪو آسرو ناهي هوندو تنهن ڪري متاثر ڌر اهي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي به همت ناهي ساريندي، ڪٿي ته قاتلن جو به مٿن دٻاءُ هوندو آهي. جنهن جو مثال تازو بلوچستان ۾ قتل ٿيل بانوءَ جي امڙ جو بيان آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته  منهنجي ڌيءُ جي گرفتار ٿيل قاتلن کي آزاد ڪيو وڃي. ان بيان بابت عام خيال اهو آهي ته کانس بندوق جي زور تي اهو سڀ چورايو ويو آهي. سو اها حقيقت جتي ڪٿي لاڳو آهي.ان لاءِ پاڻ هتي اها تجويز رکي آهي ته اسان جي ملڪ اندر جتي به ڪا عورت قتل ٿئي ته ان جو ڪيس داخل ڪرڻ حڪومت پنهنجي اوليت ۽ فوري ذميواري سمجهي. پر جيڪڏهن حڪومت اهو سوچي ويهي رهندي ته مقتول عورتن جا مائٽ ٿاڻن تي فرياد داخل ڪندا ته معاف ڪجو ته اوهان جو ايف آءِ آر وارو نظام ئي قاتلن جو وڌيڪ سهڪاري لڳندو آهي، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ واري فريادي کي جيڏو ستايو ويندو آهي، پريشان ڪيو ويندو آهي ايڏو ته قاتلن کي به تنگ ناهي ڪيو ويندو تنهن ڪري عوام جو ايف آءِ آر داخل ڪرڻ تان ئي ارواح کڄي ويو آهي.

 ٿيڻ ايئن گهرجي ته ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ پوليس پاڻمرادو پنهنجي ڊيوٽي کي لڳي وڃي ۽ غير ضروري طور تي فريادي ڌر کي پريشان ۽ تنگ نه ڪري. سو جيستائين اهڙو ماحول ٺهي ۽ ايف آءِ آر ۾ عوام جو ايمان بحال ٿئي تيستائين خاص ڪري عورتن جي وڌندڙ قتلن کي روڪڻ لاءِ حڪومتن کي پاڻمرادو اڳتي اچڻ گهرجي ۽ انهن جي ڪيسن  کي داخل ڪرڻ جو ذمو حڪومت پاڻمرادو پنهنجن ڪلهن تي رکي ۽ اهو ذمو ان کي تيستائين کڻڻ گهرجي جيستائين اسان جو معاشرو مڪمل طور تي ترقي پسند، روشن خيال ۽ مهذب ٿئي ۽ اهو جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي فلسفي کي سمجهي ۽ عورتن جي اها عزت ڪري اهو مقام ڏئي سگهي جيڪو ان کي اسلام ۽ دنيا جي سڀني مذهبن ۾ مليل آهي.

جُولاءِ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو