سکر: پوليس جون ڪامياب ڪارروائيون، منشيات فروشي ۾ ملوث چار جوابدار گرفتار، ايس ايس پي پاران عملي جي ساراهه
سکر (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي سکر اظھر خان جي خاص ھدايتن تي سکر پوليس پاران سماجي برائين جي خاتمي لاءِ ڪيل ڪارروائين جو سلسلو ڪاميابيءَ سان جاري آھي، جنھن جي نتيجي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران منشيات ۽ ٻين غير قانوني حرڪتن ۾ ملوث چار جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي.ايس ايڇ او روهڙي پاران حدن جي مختلف علائقن ۾ ڪيل ڪارروائين دوران منشيات فروشيءَ ۾ ملوث 3 جوابدارن محمد فياض شيخ،
راحب علي ۽ صوبو شيخ کي گرفتار ڪيو. پوليس ترجمان موجب گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 4000 گرام چرس ۽ 4 عدد “آداب” گٽڪي جا پيڪٽ هٿ ڪيا ويا. جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت قانوني ڪارروائي ڪندي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.ان کان علاوه، ايس ايڇ او سائٽ پاران حدن اندر اسنيپ چيڪنگ دوران منشيات ڊيلر عبدالرزاق کوسو کي گرفتار ڪيو، جنھن جي قبضي مان 5270 گرام چرس هٿ ڪئي وئي. پوليس موجب جوابدار خلاف منشيات جي روڪٿام واري قانون CNS D ايڪٽ جي سيڪشن 9 (3) تحت ڪارروائي ڪئي وئي آھي.
ايس ايس پي سکر اظھر خان پاران منشيات جي خاتمي لاءِ ڪيل ان ڪامياب ڪارروائين تي لاڳاپيل پوليس عملي جي ساراهه ڪندي کين شاباس ڏني وئي آھي. ھن چيو ته منشيات جھڙيون سماج کي ناس ڪندڙ شيون ختم ڪرڻ لاءِ سکر پوليس پرعزم آھي ۽ اهڙيون ڪارروايون مستقبل ۾ به جاري رهنديون.
جُولاءِ 26, 2025