سياست ۾ اچڻ کان اڳ عمران خان مون کان چندو وٺڻ ايندو هو: اسحاق ڊار

واشگنٽن (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو انڪشاف ڪيو آهي ته عمران خان سياست ۾ اچڻ کان اڳ مون وٽ چندو وٺڻ ايندو هو.
آمريڪا جي دوري تي موجود پرڏيهي وزير اسحاق ڊار آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ ائٽلانٽڪ ڪائونسل ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف 2014 ۾ 120 ڏينهن تائين اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ملڪي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسيو.
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته عمران خان سياست ۾ اچڻ کان اڳ مون وٽ چندو وٺڻ ايندو هو، جيڪڏهن ڪو مقبول اڳواڻ آهي ته کيس اهو حق حاصل ناهي ته سيڪيورٽي ٿاڪن تي حملو ڪري.
پرڏيهي وزير چيو ته نواز شريف دهشتگردي خلاف بهترين ڪم ڪيو، پر پوءِ نئين حڪومت ڪالعدم ٽي ٽي پي لاءِ سرحدون کوليون، جڏهن ته عمران خان جي حڪومت 100 کان وڌيڪ ڏوهاري آزاد ڪيا.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت سرحدون کوليون، جنهن ذريعي 30 کان 40 هزار طالبان پاڪستان ۾ آيا ۽ ٻيهر سرگرم ٿي ويا، اهو فيصلو انتهائي افسوسناڪ هو، دهشتگردن لاءِ سرحدون نه کولڻ گهرجن ها.