دادو: ڪاڇي جي ڳوٺ ڪارو کبڙ تي ڌاڙيلن جو هٿياربند حملو، لکين رپين جو نقصان، پوليس خاموش تماشائي بڻيل، متاثر سياسي سماجي اڳواڻ غفار ڪاڇيلو جي دانھ
دادو(رپورٽر) تعلقي ڪي اين شاھ جي ڪاڇي واري پٺتي پيل علائقي ڳوٺ ڪارو کبڙ جي رهواسي ۽ سماجي ڪارڪن غفار ڪاڇيلو پريس ڪلب دادو ۾ صحافين آڏو دانھ ڪندي الزام هنيو آهي ته سندس ڳوٺ تي هٿياربند ڌاڙيلن حملو ڪري لکين رپين جو نقصان پهچايو آهي، جڏهن ته ٿاڻو سالاري، گوزو ڪي اين شاهه پوليس طرفان رڳو زباني تسلي ڏني پئي وڃي ۽ عملي طور تي اڃا تائين ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي غفار ڪاڇيلو جو چوڻ هو ته بدنام ڌاڙيل ظفر چانڊيو، عمر چانڊيو، لياقت چانڊيو، ٺارو، محرم، عاشق، نواب چانڊيو ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي سندس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري زرعي زمين تي قبصو ڪيو.
ڌاڙيلن منهنجو ٽيوب ويل، اٽي جي چڪي، ٽريڪٽر ۽ مال متاع لٽي ورتو، گهرن ۾ ڀنڃ ڊاهه ڪري لکين رپين جو نقصان پهچايو آهي، هن ٻڌايو ته واقعي بعد ڊي ايس پي ڪي اين شاهه علائقي جو دورو ڪري انصاف جي خاطري ته ڪرائي، پر پوليس اڃا تائين نه ته ڪا ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي ۽ نه ئي تحفظ لاءِ ڪو قدم کنيو ويو آهي. مان ڏينهن رات ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي رهيو آهيان، پر مون کي نه تحفظ مليو آهي ۽ نه ئي انصاف، ڌاڙيل هن وقت تائين سندس گهرن ۽ زمينن تي قابض آهن، کيس قتل جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ هو پنهنجي ئي وطن ۾ بي يارو مددگار، غير محفوظ ۽ دربدري جي زندگي گذاري رهيو آهي،
سماجي ڪارڪن پاران خبردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن 14 آگسٽ تائين کيس تحفظ ۽ انصاف فراهم نه ڪيو ويو ته هو پنهنجي ٻچن سميت دادو پريس ڪلب اڳيان پاڻ تي پيٽرول هاري باھ ڏئي پاڻ ساڙي ڇڏيندو. هن مطالبو ڪيو ته موريو کوھ واري غيرفعال پوليس پوسٽ کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي ۽ علائقي ۾ نفري وڌائي وڃي ته جيئن امن قائم ٿي سگهي غفار ڪاڇيلو آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کيس تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.
جُولاءِ 26, 2025