خيبر پختونخواهه مان آزاد حيثيت ۾ چونڊجندڙ 5 سينيٽر پي ٽي آءِ ۾ شامل

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه مان آزاد حيثيت ۾ چونڊجندڙ 5 سينيٽر پي ٽي آءِ جو حصو بڻجي ويا.
خيبر پختونخواهه مان چونڊجندڙ 5 آزاد سينيٽرن پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي، جنهن جي ڊڪليريشن پارٽي چيئرمين کي جمع ڪرائي وئي آهي.
مرزا آفريدي، اعظم سواتي، فيصل جاويد، نورالحق قادري ۽ روبينا ناز ڊڪليريشن جمع ڪرائي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر ڊڪليريشن اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائيندو.
واضح رهي ته سينيٽ چونڊن ۾ مراد سعيد به ڪامياب ٿيو پر هو وڏي عرصي کان روپوش آهي.

جُولاءِ 26, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو