بلوچستان ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ جرڳي هٿان جوڙي جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، مقتولا بانو بي بي جي ماءُ گل جان بي بي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پيش ڪيو ويو.
ڊيگاري ۾ قتل ڪيل بانو بي بي جي ماءُ کي اڄ ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ان کان اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت گل جان بي بي کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي سيريئس ڪرائم انويسٽيگيشن وِنگ (ايس سي آءِ ڊبليو) حوالي ڪيو هو.
ياد رهي ته مقتولا جي ماءُ کي پوليس هڪ وڊيو بيان جاري ڪرڻ کانپوءِ گرفتار ڪيو هو.
ان کانسواءِ گل جان بي بي جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا پڻ ورتا ويا آهن.
پوليس سرجن عائشه فيض موجب، سيريئس ڪرائم انويسٽيگيشن وِنگ جي درخواست تي گل جان بي بي جي وارن ۽رت جا نمونا ورتا ويا، جن کي سيل ڪري وِنگ حوالي ڪيو ويو آهي، اِهي سيمپل پنجاب فارنزڪ سائنس ايجنسي ڏانهن اُماڻيا ويندا.
ان کان اڳ، قبرڪشائي دوران بانو بي بي جا ڊي اين اي لاءِ نمونا ورتا ويا هئا.
واضح رهي ته گل جان بي بي پنهنجي وڊيو بيان ۾ به ڊي اين اي ڪرائڻ جي درخواست ڪئي هئي.
مقتولا جي ماءُ پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو هو ته ڌيءَ کي ”بلوچي رسمن موجب سزا“ ڏني وئي ۽ سردار شيرباز ساتڪزئي کي بي ڏوهه قرار ڏنو هو.
مقتولا جي ماءُ جو چوڻ هو ته سندس ڌيءَ قبيلائي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي، تنهنڪري کيس سزا ڏني وئي، جڏهن ته سردار شيرباز جو فيصلي ۾ ڪو به ڪردار نه هو.
ياد رهي ته 19 جولاءِ تي ڪوئٽا جي علائقي ڊيگاري ۾ بانو ۽ احسان الله نالي جوڙي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي.
وڊيو وائرل ٿيڻ بعد بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي واقعي جو نوٽيس ورتو هو ۽ سردار شيباز ساتڪزئي سميت 20 کان وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو هو.