گڏاپ ٽائون ۾ ڪرڪيٽ فائنل ميچ، چيئرمين حاجي طارق عزيز بلوچ ۽ ايم پي اي يوسف مرتضیٰ بلوچ پاران نوجوانن لاءِ راندين جي واڌاري جو اعلان

Spread the love

ملير (ڊر ) ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گڏاپ جي چيئرمين حاجي طارق عزيز بلوچ ۽ سنڌ اسيمبلي جي رڪن محمد يوسف مرتضیٰ بلوچ، الفتح ڪرڪيٽ گرائونڊ گڏاپ ۾ ڪرڪيٽ فائنل ميچ ۾ مهمانِ خاص طور شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي چيئرمين حاجي طارق عزيز بلوچ رانديگرن ۽ ڏسندڙن سان خطاب ڪندي چيو ته نوجوان اسان جو اصل سرمايو آهن، کين منفي سرگرمين کان پري رکڻ لاءِ صحتمند ۽ تعميري موقعا ڏيڻ اسانجي ترجيحن ۾ شامل آهي۔ راندين ذريعي نوجوانن جي شخصيت نکارجي ٿي ۽ کين نظم و ضبط جو پابند بڻائي ٿي۔

هن چيو ته گڏاپ ٽائون ۾ راندين جي واڌاري لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن۔ گڏاپ ٽائون جي اسپورٽس ڪلبن کي سرڪاري سطح تي ڪرڪيٽ ڪٽس مهيا ڪيون ويون آهن ته جيئن مقامي ٽيلنٽ کي بنيادي سهولتون ملي سگهن ۽ انهن جي ڪارڪردگيءَ ۾ نکار اچي۔تقريب ۾ سنڌ اسيمبلي جي رڪن محمد يوسف مرتضیٰ بلوچ پڻ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته نوجوان نسل کي راندين جي ميدانن ۾ مصروف رکڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، اهڙا ٽورنامينٽس نوجوانن ۾ صحتمند مقابلي جي فضا پيدا ڪن ٿا۔ حڪومت سنڌ هميشه راندين جي فروغ جي حمايتي رهي آهي، ۽ گڏاپ ٽائون جهڙن پسمانده علائقن ۾ اهڙن مثبت قدمن کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي۔

ڪونسل ميمبر محمد رفيق جوکيو چيو ته هي ايونٽ نه رڳو نوجوانن ۾ مثبت رجحانن کي فروغ ڏئي ٿو، پر اسپورٽس مين اسپرٽ ۽ مقامي ٽيلنٽ کي به اجاگر ڪري ٿو، اسان سڀني کي گهرجي ته اهڙن صحتمند مقابلن جي مڪمل سرپرستي ڪريون۔ميچ جي پڄاڻيءَ تي چيئرمين حاجي طارق عزيز بلوچ فاتح ٽيم کي ٽرافي ۽ نقد انعام سان نوازيو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن هن جي راند دوستي ۽ نوجوانن سان محبت کي ڀرپور ساراهيو۔تقريب ۾ پي ايس-84 جي صدر حاجي علي احمد جوکيو، جنرل سيڪريٽري منظور حسين بلوچ، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، اڳوڻو يوسي شاهه مريد صدر ۽ ڪوآرڊينيٽر محبوب جوکيو، گڏاپ ٽائون جا ميمبر دانش برفت، علائقي جا معزز حاجي منظور جوکيو به شرڪت ڪئي۔

جُولاءِ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو