ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستان اسڪواڊ جو اعلان، وڏن نالن جي واپسي

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل سيريز لاءِ پاڪستان جي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، دوري دوران ٻنهي ٽيمن وچ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي انٽرنيشنل ميچون کيڏيون وينديون.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرئيءَ موجب، محمد رضوان کي ون ڊي فارميٽ ۾ ڪپتان برقرار رکيو ويو ، جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي، بابراعظم، سلمان علي آغا، عبدالله شفيق، فهيم اشرف، فخر زمان، حسن علي، نسيم شاهه ۽ صائم ايوب اسڪواڊ جو حصو آهن.
حسين طلعت، محمد نواز، حسن نواز، ابرار احمد، محمد حارث ۽ سفيان مقيم به 16 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل آهن.

ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ سلمان علي آغا، حارث رئوف، حسن علي، شاهين شاهه آفريدي، فهيم اشرف، فخر زمان، خوشدل شاهه، حسين طلعت ۽ محمد نواز شامل آهن.
ان کانسواءِ حسن نواز، صائم ايوب، ابرار احمد، صاحبزادا فرحان، محمد حارث ۽ سفيان مقيم به 15 رڪني ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو آهن.
واضح پاڪستان ٽيم 27 جولاءِ تي آمريڪا پهچندي جتي 31 جولاءِ، 2 ۽ 3 آگسٽ تي 3 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ شيڊيول آهن، جڏهن ته ون ڊي ميچون 8، 10 ۽ 12 آگسٽ تي کيڏيون وينديون.

جُولاءِ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو