سکر: اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ ڪامياب ڪارروائي تي تفتیشي آفيسر منشاد ڪلوڙ کي ڊي آءِ جي پاران تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ نقد انعام
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سکر رينج، ڊي آءِ جي سکر رينج ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ،پاران اغوا ۽ قتل جي هن ڪيس جي تفتیشي آفيسر سب انسپيڪٽر منشاد ڪلوڙ کي هن جي بهترين ڪارڪردگي جي اعتراف ۾ سي سي سيڪنڊ تعريفي سرٽيفڪيٽ سان گڏوگڏ نقد انعام سان نوازيو ويو.
ٿاڻي سوراه ضلع خيرپور ۾ نادر علي ولد محمد علي راڄپر کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ واري ڪيس نمبر 21/2019، جي دفعا 302، 364، 34 پي پي سي تحت ملوث اصل جوابدارن غلام شاه شبير ولد عمر دين ۽ مسمات روبينا زال غلام شبير کي گرفتار ڪري، هر رخ کان ڪيس جي جاچ ۾ پيشه ورانه انداز سان ڪارڪردگي ڏيکاري جاچ مڪمل ڪري، لاڳاپيل معزز عدالت ۾ چالان پيش ڪيو. لاڳاپيل معزز عدالت، اغوا جي ڪيس ۾ ملوث ٻنهي جوابدارن کي تفتیشي آفيسر پاران پيش ڪيل مضبوط شاهدين جي بنياد تي ٽرائل بعد ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي.
ڊي آءِ جي سکر رينج طرفان، اغوا ۽ قتل جي هن ڪيس جي تفتیشي آفيسر سب انسپيڪٽر منشاد ڪلوڙ کي هن جي بهترين ڪارڪردگي جي اعتراف ۾ سي سي سيڪنڊ تعريفي سرٽيفڪيٽ سان گڏوگڏ نقد انعام سان نوازيو ويو. ڊي آءِ جي سکر رينج ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته، ايندڙ وقتن ۾ به اهڙي قسم جي جاچ واري عمل ۾ مثالي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽس ۽ ايوارڊز ڏنا ويندا.
جُولاءِ 25, 2025