سول اسپتال ٺٽو جي ڊائلاسز سينٽر ۾ مبينا بدعنواني، هيومن رائٽس پاران شفاف جاچ ۽ ڪارروائي جو مطالبو
ٺٽو:( رپورٽ: نظير احمد قريشي) سول اسپتال جي ڊائلاسز سينٽر ۾ مبينا مالي ۽ انتظامي بدعنواني، هيومن رائٽس پروٽيڪشن اينڊ سوشل جسٽس پاران شفاف جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو هيومن رائٽس پروٽيڪشن اينڊ سوشل جسٽس پاران هڪ اهم خبر جي نشاندهي ، سول اسپتال ٺٽو جي ڊائلاسز سينٽر ۾ مبينا طور تي مالي ۽ انتظامي بدعنوانين جا انڪشاف سامهون آيا آهن.
انساني حقن جي تنظيم هيومن رائٽس پروٽيڪشن اينڊ سوشل جسٽس انتظاميه کي خبردار ڪندي شفاف جاچ، ۽ ملوث عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. اداري جي صدر محمد انيس هلايو، جنرل سيڪريٽري ارشاد عمر گندرو، يوٿ ونگ صدر شير علي شاهه، ۽ ليڊيز ونگ صدر صابرا قريشي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته ڊائلاسز سينٽر جهڙي حساس شعبي ۾ غير ٽيڪنيڪل عملي رحمت الله ميمڻ جي مقرري انساني جانن لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿي.
ذريعن موجب، تجربيڪار ٽيڪنيشن وسيم کي بنا ڪنهن قانوني ڪارروائي جي هٽائي، بلڊ بئنڪ ٽيڪنيشن رحمت الله ميمڻ کي ڊائلاسز شعبي جي ذميواري ڏني وئي آهي، جنهن وٽ انهي شعبي جي ڪا به فني ماهريت ناهي.
رپورٽن مطابق، ڊائلاسز سينٽر لاءِ سرڪاري بجيٽ مان هڪ ڪروڙ روپيا، هڪ ڪروڙ روپيا عطين جي مد ۾، ۽ مريضن کان هزارين روپيا في ڊائلاسز وصول ڪيا وڃن پيا، پر انهن فنڊز بابت ڪنهن به قسم جي مالي رپورٽ موجود ناهي. ان کان علاوه، في ڊائلاسز 500 روپيا، مشين جي خرابي جي صورت ۾ 2500 روپيا ۽ ايمبولينس لاءِ 1000 روپيا وصول ڪرڻ مريضن ۽ سندن وارثن لاءِ سخت پريشاني جو سبب بڻجي چڪو آهي. هيومن رائٽس جي نمائندن الزام لڳايو آهي ته سول سرجن ڊاڪٽر يامين شاهه، رٽائر ڊاڪٽر سرور شيخ، ۽ مرف جي ڊائريڪٽر ملڪ آدم پاران ترقياتي فنڊن ۽ اسپتال جي ٺيڪيداري نظام مان مبينا طور تي ڪروڙين روپيا هٿ ڪيا ويا آهن، جن ۾ 30 سيڪڙو ڪميشن جو الزام پڻ سامهون آيو آهي.
اداري جا اهم مطالبا: معاملي جي آزاد ۽ شفاف جاچ ڪئي وڃي رحمت الله ميمڻ سميت ملوث عملي کي فوري طور معطل ڪري احتساب جي عمل آڏو آندو وڃي
ڊائلاسز سينٽر جي فنڊنگ، عطين ۽ داخلا فيسن جي مڪمل آڊٽ رپورٽ عوام آڏو پيش ڪئي وڃي اسپتال جي وقار جي بحالي لاءِ هنگامي قدمن جو اعلان ڪيو وڃي ٺٽي ضلعي جي شهرين، سماجي تنظيمن ۽ مريضن جي وارثن به اعليٰ اختيارين کان فوري نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.
جُولاءِ 25, 2025