سنڌ زرعي يونيورسٽي عمرڪوٽ سب ڪيمپس جي شاگردن پاران انتظاميا جي ناانصافين خلاف ڇور پريس ڪلب آڏو احتجاج

Spread the love

ڇور( روپوٽ: لالجي سوڍو)  سنڌ زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس عمرڪوٽ جي شاگردن جو انتظاميا جي ناانصافين خلاف ڇور پريس ڪلب اڳيان آڏو  احتجاجي مظاھرو ڪندي  شاگردن راجا سوڻيکي، منير آريسر، جاني شاھ، جسونت چارڻ، فيض محمد ڀنڀرو ۽ ٻين  چيو آھي تہ ڪيمپس انتظاميا مسلسل ڪيتري ئي وقت  کان اسان شاگردن سان ناانصافيون ڪندي اچي پئي  هن وقت ادارو اھڙي صورتحال تي بيٺل آھي

جو اداري ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن ۽ استادن جون بجيٽ نہ هئڻ سبب پگھارون بہ جاري ڪونہ ٿي سگھيون آھن جنھن سبب ملازمن پاران ڪم جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي اسان شاگردن لاءِ هلندڙ پوائنٽ بسون پڻ انتظاميا پاران بند ڪري ڇڏيون آھن  ۽  پوائنٽس ايس ايس نالي ڪو پروگرام ھلي ٿو شاگردن کي کڻيندڙ پوائنٽ ھنن جي حوالي ڪري ڇڏيون آھن

 اسان جا ڪلاس نه ھلڻ ڪري تعليم متاثر ٿي رھي آھي  اسان  زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف سيال کان مطالبو  ڪريون ٿا تي  شاگردن جا مسئلا جائز مسئلا فورن حل ڪيا وڃن

جُولاءِ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو