دادو: بينڪ الفلاح پاران نيو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ وڻڪاري مهم جو شاندار آغاز
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) بينڪ الفلاح دادو پاران سرسبز پاڪستان مهم تحت نيو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو ۾ وڻڪاري مهم جو شاندار آغاز ڪيو ويو، بينڪ الفلاح دادو پاران “سرسبز پاڪستان” مهم تحت نيو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو ۾ وڻڪاري مهم جو شاندار آغاز ڪيو ويو، اسپتال جي ٻارڙن واري وارڊ سامھون مختلف قسم جا وڻ لڳايا ويا، جن جو مقصد ماحول کي صاف، سرسبز ۽ خوشگوار بڻائڻ آهي،
وڻڪاري مهم ۾ بينڪ الفلاح دادو جي ٽيم پاران شاھ عرفان ناريجو، غلام رضا ميمڻ، زبير احمد شيخ، غلام سرور ميراڻي، عزيز خاصخيلي، جاويد جتوئي، مير اختر، منير لاشاري ۽ سعيد دستي موجود هئا، جن جذبي سان شريڪ ٿي وڻ لڳايا ان موقعي تي ٻارڙن جي وارڊ جي اسٽاف انچارج عبدالقادر ناريجو، ٽيم ميمبر عمران لاشاري ۽ ٻين اسپتال اسٽاف پاران بينڪ الفلاح جي ٽيم جو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو ۽ وڻڪاري مهم جي واکاڻ ڪئي وئي،
جُولاءِ 25, 2025