خان محمد آباد اسڪول مان ٽينٽن جا پائيپ چوري، شاگردن جي تعليم خطري ۾ پئجي وئي

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ: غلام حيدر پنھور) پيارو اسٽيشن  جي پرائمري اسڪول خان محمد آباد يو سي پيارو اسٽيشن تعلقا دادو جي عمارت زبون هئڻ ڪري شاگردن تعليم ڏيارڻ لاء لڳل ٽينٽ مان الميونم جا پائيپ اڻڄاتل چور چوري ڪري ويا ،  رابطي  تي اسڪول جي هيڊ ماستر احمد خان پنهور ٻڌايو ته اسڪول جي عمارت زبون حال هئڻ ڪري خطرناڪ صورت اختيار ڪري وئي آهي

 انڪري اسان شاگردن کي اسڪول جي ڪمرن مان ويهارڻ بدران  پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽينٽن جو بندوبست ڪيو هو ۽ ان ۾ اسان شاگردن کي پڙهائي رهيا هئاسين گذريل رات اڻڄاتل چورن اسڪول جي ڀت ٽپي ٽينٽن ۾ لڳل پائيپ ۽ سامان چوري ڪري ويا ، ڪجھ ڏينهن کانپوء گرمي جون موڪلون پوريون ٿي وينديو ۽ اسڪول کلي ويندا ، ٽينٽ نه هئڻ ڪري ٻارڙن جي تعليم تمام گهڻو متاثر ٿيندي ، چوري جي شڪايت پوليس کي پڻ ڪئي آهي ،

هن تعليم کاتي جي اعلا اختيارن سميت وس وارن کان گهرڪندي چيو ته چوري ڪيل ٽينٽ واپس ڪرائي  اسڪول جي  نئين عمارت  تيار ڪرائي ڏني وڃي ته جيئن شاگرد بهتر نموني تعليم پرائي سگهن،

جُولاءِ 25, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو