ڪارتِڪ آريان جي هيروئن بڻجڻ کان انڪار ڇو ڪيو؟ جنت مرزا ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

Spread the love

بالي ووڊ اداڪار ڪارتِڪ آريان جي هيروئن بڻجڻ جي آڇ ٿڏي ڇڏي هئي: جنت مرزا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ٽڪ ٽاڪ اسٽار ۽ ماڊل جنت مرزا جي 2020ع ۾ ڏنل هڪ پراڻي انٽرويو ڪلپ ٻيهر وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هوءَ چئي رهي آهي ته کيس بالي ووڊ اداڪار ڪارتِڪ آريان سان فلم ۾ ڪم جي آڇ ٿي هئي، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو هو.
جنت مرزا وضاحت ڪئي ته سندس پيءُ کيس ڀارتي فلم ۾ ڪم جي اجازت نه ڏني ۽ کيس پڻ اهڙي خواهش نه هئي، تنهنڪري آڇ قبول نه ڪئي.

جنت مرزا ان کان اڳ به دعويٰ ڪري چڪي آهي ته کيس مشهور ڊرامن ” هم ڪهان ڪي سچي تهي “ ۾ ڪبرا خان جو ڪردار ۽ ” پري زاد “۾ اشنا شاهه جو ڪردار جي آڇ ٿي هئي، پر هن انهن ڊرامن ۾ ڪم کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
واضح رهي ته هوءَ رڳو هڪ پنجابي فلم ” تيري باجري دي راکي ” ۾ ڪم ڪري چڪي آهي، جيڪا فلاپ ٽابت ٿي.
ان کانسواءِ جنت مرزا ڪيترن ئي اشتهارن ۾ نظر آئي آهي، پر ڪنهن وڏي ڊرامي يا فلم ۾ ڪم ناهي ڪيو.

جُولاءِ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو