کنڊ جو اگهه وڌائي 188 ارب رپين جي ناجائز منافعي خوري جو انڪشاف

Spread the love

اسلام آباد(ويب ديڪس)ملڪ ۾ کنڊ جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ ۽ اربين رپين جي ناجائز منافع خوري جي انڪشاف کان پوءِ وفاقي حڪومت حرڪت ۾ اچي وئي آهي۔ ذريعن موجب، کنڊ جي اگهن ۾ پاڻ مرادو واڌ ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث شوگر ملن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ۽ ان لاءِ وفاقي بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۽ چئني صوبن جي فوڊ اٿارٽيز کي ڪريڪ ڊائون جي اجازت ڏئي ڇڏي وئي آهي.صوبائي حڪومتن کان سرڪاري مقرر ڪيل اگهن تي عملدرآمد جي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي۔

ذريعن جو چوڻ آهي ته شوگر ملز ايسوسيئيشن ۽ حڪومت جي وچ ۾ طئي ٿيل اگهن تي ملڪ ۾ ڪٿي به کنڊ موجود ناهي، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ کنڊ جو في ڪلو اگهه 200 رپين کان به وڌي ويو آهي.ادارو شماريات مطابق، کنڊ جي وڌ ۾ وڌ قيمت 196 روپيا في ڪلو ۽ سراسري قيمت 184 روپيا 92 پيسا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي، جيڪا گذريل هفتي 182 روپيا 60 پيسا هئي۔ انگن اکرن مطابق، هڪ سال اڳ کنڊ جي سراسري  قيمت 144 روپيا 72 پيسا في ڪلو هئي، جنهن جو مطلب آهي ته هڪ سال ۾ في ڪلو اگهه ۾ 40 روپين جي واڌ ٿي آهي.

ذريعن مطابق، کنڊ جي قيمت ۾ صرف هڪ رپيو واڌ ٿيڻ سان لڳ ڀڳ 4 ارب 40 ڪروڙ روپين جي ناجائز منافع خوري ٿئي ٿي، جنهن جي حساب سان گذريل هڪ سال ۾ صارفين کان لڳ ڀڳ 188 ارب روپيا ناجائز طريقي سان ڪمائيا ويا آهن.ڪيتريون ئي شوگر ملون سرڪاري اگهن تي عمل نٿيون ڪري رهيون، جنهن سلسلي ۾ ايف بي آر ۽ لاڳاپيل فوڊ اٿارٽيز ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم تحت ملن جي نگراني شروع ڪري ڇڏي آهي۔

ان کان علاوه، چيني جي هول سيلرز ۽ ڊيلرز جي گودامن تي ڇاپا هڻڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ته جيئن مصنوعي کوٽ ۽ ذخيره اندوزي جو خاتمو ڪري سگهجي.وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته عوام کي مصنوعي مهانگائي کان بچائڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا۔

جُولاءِ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو