مڪلي: سنڌ جي وسيلن تي قبضا، ڌرتيءَ جا وارث بي دخل ٿي رهيا آهن – صنعان خان قريشي

Spread the love

ٺٽو( رپورٽ: نظير احمد قريشي)  سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪري ڌرتيءَ جي ڌڻين کي بي دخل ڪيو پيو وڃي – صنعان خان قريشي  جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ جي معدني، قدرتي وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن ۽ ڌرتيءَ جا اصل وارث پنهنجي ئي زمين تان بي دخل ٿي رهيا آهن، جيڪا انتهائي افسوسناڪ ۽ خطري واري صورتحال آهي.

انهن خيال جو اظھار  هن مڪلي ۾ شهيد مشتاق خاصخيلي جي 16هين ورسي جي موقعي تي سندس مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ظاهر ڪيا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي ڪيترن ئي رُخن کان ڳڻتي جهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جتي بااثر ڌريون زمينون هٿ ڪري مقامي ماڻهن کي سندن حقن کان محروم ڪري رهيون آهن.

صنعان خان قريشي چيو ته سنڌي ماڻهن کي گهرجي ته هو پنهنجي ڌرتي، وسيلن ۽ حقن جي بچاءَ لاءِ تيار رهن، ڇو ته هي رڳو سياسي نه پر وجودي جدوجهد آهي. هن چيو ته شهيد مشتاق خاصخيلي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جان جو نذرانو ڏنو، ۽ سندس قرباني هميشه لاءِ تاريخ ۾ امر رهندي.

جُولاءِ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو