ملير: عوامي تحريڪ جي اڳواڻ شاهنواز سومرو جو 66هون جنم ڏينهن ملهايو ويو، سياسي، ادبي خدمتن تي ڀيٽا پيش
ملير (ڊ ر ) ملير جي گهگهر ڦاٽڪ ۾ عوامي تحريڪ جي جهوني اڳواڻ شاهنواز سومري جي 66 هون جنم ڏينهن جي تقريب معنقد ڪئي وئي ، تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ،شاگردن ، صحافين ، اديبن۽ ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي ، شاهنواز سومرو عرف شاني سومرو هڪ بهترين پيء سان گڏ سياسي ليڊر ، ليکڪ ، صحافين رهيو آھي سندس ڄمار رسول بخش پليجو سان گڏ رهيو ۽ اڄ به سندس جي ڇڏيل واٽ تي هلي رهيو آھي اسان سندس جي خدمتن تي واکاڻ ڪرڻ ڪريون ٿا ۔
اڳواڻ تفصيل موجب ملير جي گهگهر ڦاٽڪ ۾ سومرو هائوس ۾ عوامي تحريڪ جي جهوني اڳواڻ شاهنواز سومرو عرف شاني سومرو جي 66هون جنم ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن ۾ سياسي سماجي شخصيتن صحافين اديبن ، شاگردن ۽ ڪارڪنن پڻ شرڪت ان موقعي تي مقرر ڳالهائيندي چيو ته شاهنواز سومرو سڄي ڄمار عوامي تحريڪ کي ارپي ڇڏي اڄ سندس جي جنم ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آھيون جهونو اڳواڻ شاني سومرو عوامي تحريڪ ۾ ميدان عمل رهڻ سان گڏ پنهنجي گهر ڀاتين لاء به آئيڊيل رهيو آھي
شاني سومرو پنهنجي اولاد کي به سياسي تربيت ڏني جنهن ۾ نياڻين کي سياسي تعليم پڻ ڏني شاني سومرو سياسي ڪارڪن سان گڏ سٺو ليکڪ ،اديب ۽ صحافي به رهيو آھي رسول بخش پليجو صاحب جي انيڪ ڪتابن کي اردو ترجمو ڪيا جيڪي ريڪارڊ طور موجود آھي شاهنواز سومرو سنڌ جي مختلف اخبارن جي ڊيسڪ تي پڻ ڪم ڪيو اڄ شاهنواز سومرو جو جنم کي آھي جنهن تي کيس ڀيٽاپيش ڪريون ٿا
جُولاءِ 24, 2025