لاهور: شو روم تي ڪندڙ ئي 110 تولا سون ۽ 10 لک رپيا ٻُهاري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾هڪ شو روم جو ملازم ئي 110 تولا سون ۽ 10 لک رپيا ٻهاري فرار ٿي ويو.
ايف آءِ آر جي متن موجب، شهري نواب قريشي جو مين فيروزپور روڊ تي شو روم آهي، جڏهن هن صبح جو شو روم کوليو ته سمورو سامان ٽڙيل پکڙيل هو، جڏهن ته الماڙي ۽ سمورن خانن جا تالا ٽٽل هئا.
پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي ۾ شو روم جو ملازم افتخار چوري ڪندي نظر اچي رهيو، ڪيس داخل ڪري جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.
ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چور 110 تولا سون، 10 لک رپيا روڪ ۽ 2 پسٽل چوري ڪري فرار ٿي ويو.