قائدِ عوام يونيورسٽي انتظاميا پاران 21 ڪروڙ روپيا واپس ڪرڻ جو انڪشاف

نواب شاهه(ويب ديڪس) قائدِ عوام يونيورسٽي انتظاميا پاران ايف آءِ اي جي ڪارروائي بابت وضاحت، 21 ڪروڙ روپيا واپس ڪرڻ جو به انڪشاف خبر موجب قائدِ عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نوابشاهه جي انتظاميا،
ايف آءِ اي پاران ڪيل تازي جاچ جي حوالي سان وضاحت جاري ڪندي چيو آهي ته يونيورسٽي ۾ ڪنهن به قسم جي مالي بي ضابطگي نه ٿي آهي، ۽ سڀ ڪم قانون ۽ قائدن جي مطابق عمل ۾ آندو ويو آهي۔ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) پاران يونيورسٽي لاءِ 79 ڪروڙ رپين جو هڪ خاص پروجيڪٽ منظور ڪيو ويو، جنهن مان 43 ڪروڙ 20 لک روپيا يونيورسٽي کي وصول ٿيا۔
انهن مان 21 ڪروڙ 60 لک روپيا مختلف تعليمي، ترقياتي ۽ سائنسي منصوبن تي گذريل پنجن سالن دوران خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته باقي 21 ڪروڙ 60 لک روپيا بنا ڪنهن دير جي واپس ڪيا ويا انتظاميا جو چوڻ آهي ته پروجيڪٽ تحت جيڪو به ڪم ڪيو ويو،
اهو شفاف طريقي سان ۽ قانون جي مڪمل پاسداري سان عمل ۾ آندو ويو، ۽ يونيورسٽي ۾ ڪنهن به قسم جي غير قانوني مالي سرگرمي يا ڪرپشن ناهي ٿي۔ پڌرائي ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو ته ايف آءِ اي ۾ مک شڪايت گذار، يعني اڳوڻو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر خيرالله قريشي، پاڻ ئي مالي بدعنواني ۽ ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ سبب جبري رٽائر ڪيو ويو هو .
جُولاءِ 24, 2025