سکر: گم ٿيل 14 ورهين جي نينگر ضمير علي جي ڳولا لاءِ والدين جي پريس ڪلب ۾ اپيل، بازيابي لاءِ اعليٰ اختيارين کان مدد جو مطالبو
سکر (بيورو رپورٽ)سکر جي علائقي قريشي گوٺ جو رهواسي امير بخش لاشاري پنهنجي 14 ورهين جي گم ٿيل پٽ ضمير علي لاشاري جي ڳولا لاءِ زال ۽ ٻارن سان گڏ سکر پريس ڪلب پهچي ويو، جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي پنهنجي پٽ جي بازيابي لاءِ عام ماڻهن ۽ اعليٰ اختيارين کان مدد جي اپيل ڪئي.امير بخش لاشاري ٻڌايو ته سندس پٽ ضمير علي هميشه وانگر صبح جو ڪم تي وڃڻ لاءِ گهران نڪتو هو، پر جنهن هوٽل تي هو نوڪري ڪندو هو،
اتي پهتو ئي نه. هن چيو ته اسان پنهنجي طرفان هر هنڌ، مائٽن ۽ دوستن وٽ ڳولا ڪئي، پر پٽ جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو، جنهن بعد نااميدي ۽ بي وسيءَ جي حالت ۾ اسان پريس ڪلب پهتا آهيون.هن ڳوڙهن سان چيو ته، “ضمير علي اسان جو اڪيلو پٽ آهي، اسين ڏاڍي تڪليف ۽ بي چينيءَ جو شڪار آهيون، هٿ ٻڌي اپيل ٿا ڪريون ته مهرباني ڪري اسان جي لختِ جگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.”امير بخش لاشاري، چيف جسٽس آف پاڪستان، آءِ جي سنڌ،
ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان پرزور اپيل ڪئي ته ضمير علي کي بحفاظت بازياب ڪرائي واپس آندو وڃي ۽ سندس گمشدگيءَ بابت فوري جاچ ڪري اصل حقيقتون سامهون آنديون وڃن. هنن چيو ته جيڪڏهن ترت قدم نه کنيا ويا ته سندن پٽ جي حياتيءَ بابت سنگين خدشا پيدا ٿي سگهن ٿا.ٻئي طرف، سماجي حلقن به واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته گم ٿيل نينگر کي جلد کان جلد ڳولهي بازياب ڪيو وڃي ته جيئن والدين جي بي چيني ختم ٿئي ۽ هو ساهه پٽي سگهن.
جُولاءِ 24, 2025