سکر: مالي تنگي کان تنگ ٿي مڙس پاران زال ۽ ٻار سميت درياهه ۾ ٽپو، مڙس بچي ويو، زال ۽ پٽ جي ڳولا جاري
سکر (بيورو رپورٽ) جاڙن شھرن روهڙي ۽ سکر وچ۾ قائم تاريخي پل لينسڊائون تي دل ڏکائيندڙ واقعو غربت، بيروزگاري ۽ مايوسيءَ کان تنگ ٿي مڙس ۔ زال ۽ معصوم ٻار سان گڏ درياھ ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو انت آندو۔ريسڪيو جي ڪاروائي مرد کي بچايو ويو۔زال ۽ پٽ جي ڳولها جاري۔ان سلسلي ۾ روهڙي جي رهواسي وسيم آرائين پنهنجي زال مسڪان ۽ اڍائي ورهين جي پٽ غلام عباس سميت لينسڊائون پل تان ٽپو ڏنو.
واقعي جي اطلاع تي مقامي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويون.پوليس موجب وسيم آرائين کي درياھ مان سلامت ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته سندس زال ۽ ٻار جي ڳولا جاري آهي.ابتدائي جاچ دوران پوليس ٻڌايو ته مڙس ۽ زال ٻهي منشيات جا عادي هئا ۽ سخت مالي تنگي ۽ بيروزگاري جو شڪار هئا. واقعو تڏهن پيش آيو جڏهن سندن معصوم ٻار بيمار ٿيو ۽ دوائن لاءِ سندن وٽ پئسا به موجود نه هئا جنهن سبب هنن انتهائي قدم کنيو.علائقي واسين موجب،
متاثر خاندان جو واسطو غريب طبقي سان هو ۽ گهڻي وقت کان پريشانين جي ور چڙهيل هو.هن افسوسناڪ واقعي سڄي علائقي کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ريسڪيو ادارا درياھ مان لاپتا ماءُ ۽ ٻار جي ڳولا ۾ مصروف آهن.ٻئي پاسي، سماجي حلقن واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته معاشي تڪليف ۾ ورتل ماڻهن جي بروقت مدد لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اهڙن دل ڏاريندڙ واقعن کان بچي سگھجي.هوڏاهن ضلعي چيئرمين سکر سيد ڪميل حيدر شاھ پڻ امدادي ڪاروائين جي انتظاميا کي هدايتون ڏنيون آھن۔
جُولاءِ 24, 2025