دادو: ميهڙ واسڻ بيواهه عورت پٽ سميت دادو پريس ڪلب پهچي دانهيو، ڌيءَ تي ساهرن جو وحشيانو تشدد، انصاف جي اپيل

Spread the love

 دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سڪندرآباد ڪالوني ميهڙ جي رهواسڻ بيواهه عورت عائشه زال مرحوم عبدالرحمٰن کونهارو پنهنجي نوجوان پٽ عبدالحفيظ سان گڏ دادو پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته منهنجي ڌيءَ سڪينه، جيڪا ٻن ٻارن جي ماءُ آهي، ۽ 4 مهينن جي حاملا پڻ آهي تي ساهرن وحشيانو تشدد ڪري حمل ضايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،

 هن ٻڌايو ته سڪينه جي مڙس احمد کونهار سندس سهري محمد ۽ عمر، زبير کونهارو، هن وقت جڏهن منهنجي ڌيءَ چار مهينن جي حامله هئي، ته کيس بي رحماڻي نموني سان مارڪٽ ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيو. تشدد جي نتيجي ۾ سندس طبي حالت انتهائي نازڪ ٿي وئي آهي ۽ هوءَ خون ڏئي رهي آهي، پر ساهرن پاران علاج به مهيا نه پيو ڪيو وڃي، پر کيس طلاق ڏيڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن. بيواهه ماءُ عائشه جو چوڻ هو ته هوءَ هاڻ شهباز ڪالوني دادو ۾ رهائش پذير آهي ۽ سخت پريشانيءَ جي حالت ۾ زندگي گذاري رهي آهي.

پريس ڪلب دادو ۾ صحافين آڏو اپيل ڪندي، هن سيشن جج دادو، ايس ايس پي دادو سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سندس حامله ڌيءَ سڪينه سان انصاف ڪيو وڃي، سندس ساهرن خلاف فوري ڪارروائي ڪري کيس تحفظ ۽ علاج مهيا ڪيو وڃي.

جُولاءِ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو