انگلينڊ، پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز جي تاريخن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
انگلش بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان ٽيم ايندڙ سال آگسٽ ۾ انگلينڊ جو دورو ڪندي جنهن دوران ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.
پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽيسٽ 19 آگسٽ تي ليڊز ۾ شروع ٿيندي، ٻي ٽيسٽ 27 آگسٽ کان لارڊز ۽ ٽِين ٽيسٽ 9 سپٽيمبر کان ايجبسٽن ۾ کيڏي ويندي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ ميچون ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ2025-27 جو حصو آهي.