اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهينِ مذهب جي ڪيسن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ واري فيصلي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهينِ مذهب جي الزامن تي ڪميشن جوڙڻ واري فيصلي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خادم حسين ۽ جسٽس اعظم خان حڪم جاري ڪندي ڪميشن جي جوڙجڪ وارو جسٽس سردار اعجاز جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.
رائو عبدالرحيم ايڊووڪيٽ طرفان ڪميشن جي جوڙجڪ خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي وئي هئي.

واضح رهي ته گذريل هفتي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز اسحاق توهينِ مذهب جي ڪيسن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي هئي ۽ درخواستون منظور ڪندي حڪومت کي ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏنو هو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي ٽيهه ڏينهن اندر ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو هو ته ڪميشن چئن مهينن ۾ پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪري .

جُولاءِ 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو