17 هزار کان وڌيڪ نوڪرين جو اعلان، درخواستون طلب

Spread the love

دبئي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي ايمريٽس گروپ هلندڙ سال 17 هزار 300 ملازم ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
مقامي خابرو اداري ”امارت اليوم“ موجب، ايمريٽس گروپ عالمي سطح تي ٽيلنٽ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ وڏي مهم شروع ڪئي آهي.
رپورٽ موجب، هلندڙ مالي سال دوران 17 هزار 300 کان وڌيڪ ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا، جيڪي هڪ وچولي شهر جي آبادي جي برابر آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايمريٽس ۽ دبئي نيشنل ايئر ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن (دناتا) سميت ٻين گرائونڊ سروسز جي شعبي ۾ ملازمتون ڏنيون وينديون، جن شعبن ۾ جايون خالي آهن، انهن ۾ فلائيٽ ڪرو، پائلٽس، انجنيئرز، مارڪيٽنگ ۽ سيلز، گرائونڊ ڪنٽرولر، ڪيٽرنگ، آءِ ٽي اسپيشلسٽ، هيومن ريسورسز ۽ فنانس شامل آهن.

جُولاءِ 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو